افغانستان” بُرائي جي روڪٿام“ لاءِ بلخ، قنڌار ۽ هلمند صوبن ۾ انٽرنيٽ تي پابندي مڙهي ڇڏي!

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي اترين صوبي بلخ ۽ ڏاکڻي صوبن قندهار ۽ هلمند ۾ فائبر آپٽڪ انٽرنيٽ سروسز تي پابندي لڳائي وئي آهي.
برٽش براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (بي بي سي) جو چوڻ آهي ته ذريعن تصديق ڪئي آهي ته بلخ ۾ طالبان جي سرڪاري عملدارن بي بي سي کي خاطري ڪرائيا آهي تاه هنن پنهنجي اڳواڻ مولوي هيبت الله اخوندزاده جي حڪم تي صوبي ۾ فائبر آپٽڪ ڪيبلز ذريعي انٽرنيٽ تائين پهچ تي پابندي لاڳو ڪئي آهي.
بلخ جي گورنر جي ترجمان حاجي زيد چيو ته ”هاڻ ان ڪيبل (فائبر آپٽڪ نيٽ ورڪ) ذريعي انٽرنيٽ تائين رسائي ناهي.“
سندس چوڻ هو ته اِهو قدم ”برائي جي روڪٿاما “ لاءِ کنيو ويو آهي ۽ ”ضرورت پوڻ تي ملڪ اندر متبادل آندو ويندو.“
حاجي زيد اِها وضاحت نه ڪئي ته ”برائي جي روڪٿام “ مان سندس مراد ڇا آهي، پر انٽرنيٽ تائين پهچ جو مطلب آهي ته لڳ ڀڳ هر شيءِ جيڪا آن لائين موجود آهي اها ڏسي ۽ پڙهي سگهجي ٿي.
افغانستان ۾ فائبر آپٽڪ ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپنين طرفان ڏنل سِم ڪارڊ انٽرنيٽ سروسز کانسواءِ تيزرفتار انٽرنيٽ پڻ فراهم ڪري ٿو، جنهن جي نگراني طالبان حڪومت جي مواصلات واري وزارت ڪري ٿي.
فائبر آپٽڪ خاص ڪيبل ذريعي زمين جي رستي منتقل ٿيندي آهي، جيڪا موبائل ۽ وائرليس انٽرنيٽ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيز ۽ مستحڪم آهي.
هي گهڻو ڪري سرڪاري ادارا، ڪاروباري مرڪز ۽ ملڪي توڙي پرڏيهي اين جي اوز روزاني ڪمن ڪارن لاءِ استعمال ڪندا آهن، اِها انٽرنيٽ هاڻ شهرن جي گهرن تائين به پهچي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.