دبئي(ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان ٽيم جي کيڏڻ واري معاملي تي قائم ڊيڊ لاڪ ختم ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته پاڪستاني ٽيم جي هوٽل کان اسٽيڊيم روانگي روڪي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ميچ ريفري اينڊي پاءِ ڪرافٽ جي معذرت جي صورت ۾ معاملو ختم ٿي سگهي ٿو.
ذريعن موجب، اينڊي پاءِ ڪرافٽ جي معذرت تي پاڪستان ٽيم اڄ يو اَي اِي خلاف ميچ کيڏڻ تي غور ڪري سگهي ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته في الحال پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هوٽل کان اسٽيڊيم روانگي روڪي وئي آهي.
ذريعن موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي هوٽل ۾ رهڻ لاءِ چيو ويو آهي، رانديگرن کي پنهنجن ڪمرن ۾ وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ اعليٰ سطحي مشاورت جاري آهي، پي سي بي چيئرمين محسن نقوي، سلمان نصير ۽ ٻيا عهديدار اجلاس ۾ موجود آهن.
پاڪستان ۽ يو اي اي وچ ۾ اڄ دبئي اسٽيڊيم ۾ ميچ شيڊيول آهي، اِها ميچ پاڪستاني وقت موجب شام ساڍي 7 وڳي کيڏي ويندي.
واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي اينڊي پاءِ ڪرافٽ کي هٽائڻ واري معاملي تي اڃا تائين آءِ سي سي جو ڪو جواب نه مليو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي اڃا تائين آءِ سي سي طرفان ڪو جواب نه مليو آهي ۽ ذريعن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته ريفري جي تبديلي جي تصديق نه ٿي ته پاڪستان ٽيم اسٽيڊيم رواني نه ٿيندي.
ذريعن موجب پي سي بي چيئرمين محسن نقوي پي سي بي آفيسرن سان رابطي ۾ آهي ۽ پي سي بي کي آءِ سي سي طرفان ريفري تبديلي واري اي ميل ملڻ کانپوءِ ئي ٽيم اسٽيڊيم ويندي.
ميچ ريفري کي هٽائڻ واري معاملي تي ڊيڊ لاڪ برقرار، پي سي بي ٽيم کي دبئي اسٽيڊيم وڃڻ کان روڪي ڇڏيو
You might also like