اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ رٽائرڊ ججن جي بيواهن کي تاحيات سيڪيورٽي ڏيڻ جو حڪم واپس وٺي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ طرفان وضاحتي بيان ۾ چيو ويو ته رٽائرد ججن کي تاحيات سيڪيورٽي جو حق 2018 جي صدارتي آرڊر نمبر 7 ۾ ڏنو ويو آهي.پر آرڊر نمبر 7 رٽائرڊ ججن جي بيواهن کي تاحيات سيڪيورٽي جي سهولت فراهم نٿو ڪري، تنهن ڪري رٽائرڊ ججن جي بيواهن کي تاحيات سيڪيورٽي جي حد تائين آرڊر واپس ورتو پيو وڃي.