اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي ئي ساٿي جج، جسٽس طارق محمود جهانگيري کي عدالتي ذميواريون انجام ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. هي حڪم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ، جسٽس جهانگيري جي مبينا جعلي قانوني ڊگري بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران ڏنو. اسلام آباد بار ڪائونسل ايمرجنسي پريس ڪانفرنس ڪندي هن فيصلي کي بدنيت ۽ عدليه جي تاريخ جو سڀ کان ڪارو ڏينهن قرار ڏنو آهي. بار ڪائونسل جي رڪن عليم عباسي ايڊووڪيٽ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته "اڃا تائين ڪڏهن به نه ٿيو آهي ته هڪ جج پنهنجي ساٿي جج کي ڪم کان روڪي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ڇو ته مبينا جعلي ڊگري وارو معاملو اڳ ۾ ئي سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ زير غور آهي ۽ ان حوالي سان ريفرنس به داخل آهي، تنهن ڪري جيستائين ڪائونسل حتمي فيصلو نٿي ڏئي، تيستائين جسٽس طارق جهانگيري ڪنهن به ڪيس جي ٻڌڻي نه ڪري سگهندا.ان حڪم بعد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نئون جج جو روسٽر جاري ڪيو ويو آهي، جنهن مان جسٽس جهانگيري جو نالو سڀني بينچن مان هٽايو ويو آهي.عليم عباسي موجب آئين ۽ قانون تحت ڪنهن جج جي رويي (conduct) بابت رڳو سپريم جوڊيشل ڪائونسل ئي جاچ ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته "اهو غلط رواج وڌايو پيو وڃي ته ججز هڪٻئي خلاف فيصلا ڏين.عليم عباسي وڌيڪ چيو: "اسان عدالت ۾ عرض ڪيو ته اسان کي ٻڌو، پر گهر پهچڻ سان خبر پئي ته حڪم جاري ٿي چڪو آهي. اهي فيصلا دٻاءُ ۽ فونن تي ٿي رهيا آهن. جيڪڏهن اڄ اهو سلسلو شروع ٿيو ته سڀاڻي هر جج ٻئي کي ڪم کان روڪيندو.هن مطالبو ڪيو ته سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺي ۽ جسٽس جهانگيري کي ڪم کان روڪڻ وارو حڪم معطل ڪري.هن چيو ته سپريم ڪورٽ جا ٻه واضح فيصلا موجود آهن ته رڳو آئين جي آرٽيڪل 209 تحت ئي جج کي هٽائي سگهجي ٿو، ٻي صورت ۾ نه. بار ڪائونسل هن فيصلي جي سخت مذمت ڪندي اعلان ڪيو آهي ته اڄ اسلام آباد جي ضلعي عدالتن ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ مڪمل هڙتال ڪئي ويندي، جڏهن ته جنرل باڊي اجلاس کانپوءِ وڪيلن جي ريلي به نڪري. عليم عباسي چيو: "جيڪڏهن اڄ پشاور هاءِ ڪورٽ چوندي ته جسٽس ڊوگر ڪم نٿو ڪري سگهي، ته ڇا اهو طريقيڪار اختيار ڪيو ويندو؟ هي ته جنگل جو قانون لاڳو ڪرڻ برابر آهي.”اسلام آباد بار ڪائونسل واضح ڪيو ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو جيڪو به فيصلو ٿيندو، اهو قبول ڪيو ويندو، پر هڪ جج پاران ٻئي جج کي ڪم کان روڪڻ وارو قدم غير آئيني آهي ۽ عدليه جي تاريخ تي هڪ بدنما داغ آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ هن معاملي ۾ ٻه عدالتي معاون به مقرر ڪيا آهن: اڳوڻو اٽارني جنرل اشتر اوصاف ۽ بيرسٽر ظفرالله. عدالت اٽارني جنرل کي به نوٽيس جاري ڪيو آهي. درخواستگذار، ميان داؤد ايڊووڪيٽ، سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج سجاد علي شاهه جي مقرري بابت ڏنل سپريم ڪورٽ جي ڏه رڪني بينچ جي فيصلي جو حوالو ڏيندي چيو ته جج خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ته ڪارروائي ڪري سگهي ٿي، پر آئين جي آرٽيڪل 199 تحت درخواست ڏيڻ کان روڪي نٿو سگهجي.واضح رهي ته جسٽس جهانگيري انهن ڇهن ججن مان هڪ هئا، جن سينياريٽي جي بنياد تي جسٽس سرفراز ڊوگر کي لاهور هاءِ ڪورٽ مان، ۽ ٻه ٻين ججن کي بلوچستان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ مان آڻڻ جي مخالفت ڪئي هئي ۽ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.