حڪمران آءِ ايم ايف جي ھدايت تي غريب دشمن معاشي پاليسيون جوڙي رھيا آھن: اياز پليجو

حيدرآباد(پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي حيدرآباد ۾ حاجياڻي اسپتال پھچي سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري آغا روشنا پٺاڻ، پنگريو حادثي ۾ زخمي ٿيل قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ رمضان رند جي نياڻي جي ھاشمي اسپتال حيدرآباد ۽ سول اسپتال حيدرآباد ۾ منظور سمون جي عيادت ڪئي. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ زاھد ڀنڀرو، نظير بليدي ۽ ربڏنو ملڪ گڏ ھئا.ھوڏانھن  اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ اسرائيل عالمي امن لاءِ وڏو خطرو آھي. اسرائيلي دھشتگردي ۾ ھزارين معصوم ماڻھو شھيد ٿيا آھن. معصوم ماڻھن جو قتل عام روڪڻ ۽ عالمي امن لاءِ سڀني ملڪن کي اسرائيلي جارحيت روڪڻ لاءِ عملي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو،هن چيو تہ پاڪستان جا حڪمران آئي ايم ايف جي ھدايت تي غريب دشمن معاشي پاليسيون جوڙي رھيا آھن. مھانگائي عوام جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي. سنڌ ۾ سرڪاري اسپتالون ڪرپشن جي ڪمائي جو وڏو ذريعو بڻيل آھن. تعليمي نظام درھم برھم آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.