نااهل حڪمرانن صوفين جي ڌرتي کي ڌاڙيلن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي:راشد محمود سومرو

سڪرنڊ/حيدرآباد/ ٽنڊو محمد خان (نمائندا)جي يو آءِ سنڌ جي اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو سڪرنڊ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته حڪمرانن کي نيپال، سريلنڪا، بنگلاديش جي حالتن مان سبق سکڻ گهرجي. ايئن نه ٿئي جو پاڪستان جو عوام به توهان کي ڳلي مان وٺي روڊن تي گهلي. هن چيو ته عمران خان مٿان انتقامي سياسي ڪيس ختم ٿيڻ گهرجن، اسان نواز شريف ۽ آصف زرداري مٿان داخل ٿيل ڪيسن جي به مذمت ڪئي هئي، هن  وڌيڪ چيو ته سنڌ جون حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهيون آهن. صدر پاڪستان جي ضلعي ۽ خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري جي پنهنجي تڪ، شهر نوابشاهه ۾ ڦرون، چوريون، بدامني عام ٿي وئي آهي، ڏينهن ڏٺي واپاري کان ڦر ڪري کيس زخمي ڪيو ويو. سنڌ جو امن انتهائي خراب آهي، اغوا ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن، سنڌ جي نياڻين جون به عزتون محفوظ نه آهن. ٻن سالن جا معصوم ٻارڙا اغوا ٿي رهيا آهن. منهنجي والد شهيد خالد محمود سومرو حق سچ ۽ امن جي ڳالھ ڪئي ته ان کي به شهيد ڪرائي مون کي لاش تحفي ۾ ڏنو ويو. هن چيو ته هن وقت ماڻهو جي يو آئي ڏي ڏسي رهيا آهن جيڪڏهن موقعو مليو ته اسان عوام جي حقيقي خدمت ڪنداسين،هوڏانهن مولانا راشد محمود سومرو چيو آهي ته سنڌ ۾ نااهل حڪمرانن صوفين جي ڌرتي کي ڌاڙيلن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ڌاڙيلن ۽ حڪمرانن جو گٺ جوڙ آهي، چونڊن ۾ اهي ئي ڏوهاري ووٽن جا ٿیلا ڀرين ٿا،اهڙن خيالن جو اظهار هن حيدرآباد ۾ پهتل مارچ کي خطاب ڪندي ڪيو. مارچ حيدرآباد جي مختلف رستن کان ٿيندو پريس ڪلب پهتو. مارچ ۾ وڏي انگ ۾ جي يو آءِ جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مولانا راشد محمود سومري خطاب ڪندي چيو ته هر سال 2 کرب رپين جي پوليس بجيٽ باوجود عوام کي امن نصيب نه ٿيو آهي. هن چيو ته حڪمران ڪالاباغ ڊيم جي مرده گھوڙي کي ٻيھر زندہ ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪن، سنڌ دشمن منصوبن کي رد ڪيو ويندو. هن چيو ته سنڌ ۾ بدامني انتها تي پهچي وئي آهي، اسٽريٽ ڪرائم وڌي ويو آهي ۽ ڀنگ جي لاءِ اغوا جا واقعا عام ٿي ويا آهن. سنڌ ۾ حڪمراني ڪندڙ جماعت عوام کي ڪا سهولت نٿي ڏئي سگهي، مهانگائي، بيروزگاري ۽ لاقانونيت عوام جو جيئڻ ڏکيو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ٻه کان چار سال جي معصوم ٻارن کي اغوا ڪيو پيو وڃي ۽ سنڌ ۾ 18 سالن کان پيپلزپارٽي حڪومتي آهي، پر عوام کي امن فراهم ناهي ٿيو. علامه راشد سومرو چيو ته ڌاڙيلن ۽ حڪمرانن جو ڳٺ جوڙ آهي، چونڊن ۾ ڪرمنلز ئي ووٽن دٻا ڀرين ٿا. هن چيو ته اسان امن جي لاءِ جرڳا ڪيا پر پيپلزپارٽي جا سردار نمائندا شامل نه ٿيا، جنهن مان پڪ ٿئي ٿو ته اهي امن نٿا چاهين. هن چيو ته سنڌ امن مارچ ۾ عوام جي وڏي شرڪت حڪمرانن تي عدم اعتماد جو اعلان آهي.هن چيو ته سنڌ ۾ ڪو به نئون صوبو نه کپي، هوڏانهن  قافلو ٽنڊو محمد خان پهچڻ تي شاندار آجيان ، گلن جي ورکا ، رات ترسڻ کانپوءِ سجاول روانو ٿيندو ، سنڌ ۾ بدامني ، لاقانونيت ، ڪبيلائي جهيڙن ، ڌاڙيل راڄ جي خلاف جي يو آئي جي ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي ڏانهن نڪتل امن ڪاروان قافلو ٽنڊو محمد خان پهچڻ تي هزارين ڪارڪنن حيدرآباد روڊ تي جي يو آئي جي ضلعي امير مولانا محمد ابراهيم سومرو ، مولانا باسط نظاماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اجرڪن ، لونگين گلن جي ورکا سان شاندار آجيان ڪئي ، راشد محمود سومرو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي عوام کي ڌاڙيل ڪلچر جي حوالي ڪري سنڌ ۾ بدامني جو راڄ قائم ڪري خوف حراس جي فضا قائم ڪئي وئي آهي.  سرڪار امن قائم ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي ، ڌاڙيل راڄ جي آڏو حڪومت بي وس بڻيل آهي ، انهي موقعي تي جي يو آئي جي مولانا عبدالقيوم هاليجوي ، معظم خان عباسي ، مولانا محمد ابراهيم سومرو ، مولانا باسط ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.