شنگهائي/اسلام آباد (م ڊ/بيورو) صدر آصف علي زرداري جي چين جي دوري دوران پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ ٽن يادداشتن (ايم او يوز) تي صحيحون ڪيون ويون معاهدن جو مقصد زراعت، ماحولياتي تحفظ ۽ ماس ٽرانزٽ ۾ ترقي آڻڻ آهي. پهريون ايم او يو ڪنٽرولڊ ايگريڪلچر سائنس اينڊ ايجوڪيشن پارڪ ۽ خوراڪ جي تحفظ بابت هو، ٻيو ايم او يو جديد ٽيڪنالاجي ۽ تربيت لاءِ ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ جي قيام تي، جڏهن ته ٽيون ايم او يو ٽائر ري سائيڪلنگ ۽ ماحول دوست فضلي جي منيجمنٽ لاءِ ڪيو ويو. شنگھائي ۾ صدر زرداري چيري هولڊنگ جي چيئرمين ين تونگ يو سان به ملاقات ڪئي، جتي کيس ڪمپني جي عالمي ڪاميابين ۽ ٽيڪنالاجي بابت بريفنگ ڏني وئي. صدر اليڪٽرڪ بسن ۽ مقامي پيداوار جي منصوبن جي ساراهه ڪندي چيو ته اهي منصوبا نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪندا.پڌرائي موجب صدر زرداري چيري کي پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ بسن، منِي ٽرڪن ۽ گرين انرجِي جي شعبن ۾ گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ جي دعوت ڏني. صدر زرداري چيري هولڊنگ کي يقين ڏياريو ته پاڪستان حڪومت اليڪٽرڪ بسن ۽ پرزن جي مقامي پيداوار لاءِ پاليسي سهڪار ڪندي. هن مينوفيڪچرنگ، معدنيات ۽ توانائي ذخيرو ڪرڻ جي حل ۾ پاڪستاني ڪمپنين سان سهڪار جي موقعن تي به روشني وڌي. ملاقات ۾ آصفا ڀٽو زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، سليم مانڊوي والا ۽ سنڌ جا وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ناصر حسين شاهه پڻ موجود هئا.