جڏھن اسان ملڪ جي ويجهي تاريخ جو جائزو وٺون ٿا ته خبر پوي ٿي ته يحيٰ خان جي مارشل لاءَ دوران ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ 1970ع جون چونڊون ٿيون، جيڪي اوڀر پاڪستان (ھاڻوڪي بنگلا ديش) ۾ شيخ مجيب الرحمٰن 6 نقطن وارن مطالبن تحت وڙھيو ۽ اولهه پاڪستان(موجودهه پاڪستان) ۾ شھيد ڀٽو سوشلزم جي نعري ھيٺ وڙھيو. مشرقي پاڪستان ۾ شيخ مجيب جي عوامي ليگ 161 سيٽون حاصل ڪري ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي ويئي، جڏھن ته شھيد ڀٽي جي پيپلز پارٽي 81 سيٽون حاصل ڪري موجودهه پاڪستان جي سڀ کان وڏي ۽ تڏھوڪي پاڪستان جي ٻيون نمبر پارٽي بڻجي اڀري. جنھن کان پوءِ ڍاڪا ۾ قومي اسيمبليءَ جو اجلاس سڏايو ويو پر شھيد ڀٽي ان جي مخالفت ڪندي سندس پارٽي ميمبرن کي قومي اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڍاڪا وڃڻ کان روڪيو، جنھن ڪري اھو اجلاس ٿي نه سگهيو، فوج اقتدار منتقل ڪرڻ کان لنوائيندي رھي جنھن جي نتيجي ۾ مشرقي پاڪستان ۾ حالتون خراب ٿي ويون ۽ نيٺ 16 ڊسمبر 1971 تي پاڪستان ٻه اڌ ٿي ويو ۽ دنيا جي نقشي تي ھڪ نئون ملڪ ”بنگلا ديش“ جي نالي سان ظاھر ٿيو. جيتوڻيڪ فوجي حڪمران بنگالين مان جان ڇڏائڻ جو فيصلو ايوب خان جي دور ۾ ئي ڪري چڪا ھئا ۽ پاڪستان جي ٽٽڻ ۾ ڪٿي به شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جو ڪو ھٿ ثابت نٿو ٿئي پر تڏھن به مٿس اھڙا الزام لڳندا رھيا آھن. جن جي وضاحت راولپنڊي جيل مان لکيل ڪتاب ”افواهه ۽ حقيقت“ ۾ ڪندي لکي ٿو ته”اُن وقت ھن ڍاڪا ۾ ٿيندڙ قومي اسيمبلي اجلاس جي مخالفت ان ڪري ڪئي ھئي جو جنھن ايل ايف او تحت چونڊون ٿيون ھيون ان ۾ شرط رکيل ھو ته قومي اسيمبليءَ جي پھرئين اجلاس کان ٽن مھينن اندر جيڪڏھن آئين نه ٺاھيو ويو ته اسيمبليون تحليل ڪيون وينديون ٻيون ته شيخ مجيب جا مطالباڪنفيڊرل نوعيت جا ھئا، جن ۾ ھڪ صوبي کي چئن صوبن تي فوقيت نه پئي ڏيئي سگهجي. پر جيڪڏھن شھيد ڀٽو اسيمبلي اجلاس کان ٻاھر ئي شيخ مجيب سان ڳالھيون ڪري ڪنھن نتيجي تي پھچي وڃي ۽ ڪنفيڊرل نوعيت جو آئين ٺھي وڃي ته ان ۾ مرڪز انتھائي ڪمزور ھجي ھا۽ شيخ مجيب بي اختيار وزيراعظم ھجي ھا، جڏھن ته ھڪ رياست تي مجيب ۽ ٻن با اختيار رياستن تي شھيد ڀٽي جي حڪمراني ھجي ھا ۽ جيئن ته قومي اسيمبليءَ ۾ رياستن جي نمائندگي آبادي نه پر ايڪن جي بنيادن تي ھڪ جيتري ھجي ھا۽ اڄوڪا صوبا آزاد ۽ خودمختاررياستن جي شڪل ۾ھجن ھا ته ايندڙ چونڊن ۾ پيپلزپارٽي ٻن رياستن مان چونڊون کٽي ملڪ جي وڏي پارٽي بڻجي اڀري ھا پر بدقسمتيءَ سان ملڪ ٽٽي ويو ۽ باقي بچيل پاڪستان جي اقتدار جون واڳون شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي حوالي ڪيون ويون. ھن 1973ع جو آئين اتفاق راءِ سان منظور ڪرايو جيتوڻيڪ ان آئين ۾ ڪافي چڱيون شقون موجود آھن، جن جي ڪري اڄوڪن حڪمرانن لاءِ صوبن جي وجود کي مٽائڻ آسان نه رھيو آھي۽ صوبن جي وسيلن جي لٽ مار کان به کين آئين روڪي رھيو آھي ۽ اھي ”آئيني ترميمن“ جي آڌار تي ھلڻ جي ڪوشش پيا ڪن. ھن آئين ۾ اختيارن جي ڪانڪريٽ لسٽ ڏني ويئي ھئي جيڪي اختيار ڏھن سالن کان پوءِ صوبن کي منتقل ٿيڻا ھئا، جيڪي ضياءَ مارشل لاءَ جي ڪري صوبن کي ملي نه سگهيا، اھي اختيار بر وقت صوبن کي ملي وڃن ھا ته اڄ صوبا ڪافي با اختيار ھجن ھا،ھن آئين ۾ مضبوط مرڪزجوڙيندي 1940ع واري ٺھراءُ کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو ويو۽ پاڪستان ٺاھيندڙ گهڻين قومن بدران سرڪاري طور ھڪ ئي قوم ”پاڪستاني“ جو تصور ڏيئي ھن آئين ۾ قومن جي وجود کان به انڪار ڪيو ويو۽ آئين مطابق ھڪ صوبي جي شھرين کي ٻئي صوبي ۾ اچڻ، ڪاروبار ڪرڻ ۽ رھائش اختيار ڪرڻ جي آزادي ڏني ويئي جنھن جا پڻ سنڌ لاءِ اگرا نتيجا نڪتا ۽ سنڌ تي آباديءَ جي والار جو موقعو فراھم ڪيو ويو. ھن ملڪ لاءِ شھيد ڀٽي جي اڻ ڳڻين ڪارنامن ۽ ملڪ کي معاشي طور مستحڪم ڪرڻ باوجود اسٽيبلشمنٽ کيس برداشت نه ڪيو ۽ سندس آئيني حڪومت تي راتاھو ھڻي جنرل ضياءَ مارشل لاءَ لاڳو ڪيو ۽ شھيد ڀٽي جو عدالتي قتل ڪيو ويو ۽ قوم يارھن سالن تائين ضياءَ جي آمريت واري ڪاري دورکي ڀوڳيو۽ پوءِ شھيد ڀٽو پنھنجي آخري خط ۾ 1973ع واري آئين کي مردهه قرار ڏيئي ويو.
1988ع وارين چونڊن ۾ پيپلزپارٽي ملڪ جي وڏي پارٽيءَ جي صورت ۾ سامھون آئي پر حڪومت ٺاھڻ لاءِ گهربل اڪثريت نه ھئڻ سبب مخالف ڌر ۾ ويھڻ بدران شھيد بينظير ڀٽو اسٽيبلشمنٽ سان ٺاهه ڪري اقتدار حاصل ڪيو. نتيجي ۾ ھن ضياءَ جي باقيات غلام اسحاق خان کي صدر بڻايو ۽ صاحبزادہ يعقوب خان کي پرڏيھي وزير مقرر ڪيو. اتحادي حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم کي شامل ڪرڻ لاءِ کيس نائن زيرو وڃڻو پيو. ھن پنوعاقل فوجي ڇانوڻيءَ جو افتتاح به ڪرايو ۽ فوجي جنرل کي ”جمھوريت جي بحاليءَ جو تمغو“ ڏنو پر تڏھن به سندس حڪومت فقط 18 مھينا ھلي سگهي. 1993 وارين چونڊن جي نتيجي ۾ شھيد بينظير ڀٽو کي ٻيھر حڪومت ملي پر سندس ئي دور ۾ 20 سيپٽمبر 1996ع جو مير مرتضيٰ ڀٽي کيپوليس گرديءَ ذريعي شھيد ڪيو ويو ۽ پوءِ سندس ئي پارٽيءَ جي صدر فاروق لغاريءَ کيس ڪرپشن جا الزام ھڻندي 58(2)B تحت گهر ڀيڙو ڪيو. 2008ع ۾ ٿيندڙ چونڊ مھم دوران 27 ڊسمبر 2007 تي محترمہ بينظير ڀٽو کي لياقت باغ راولپنڊيءَ ۾ شھيد ڪيو ويو. جنھن کان پوءِ صدرآصف زرداريءَ پيپلزپارٽي جون واڳون سنڀاليندي ”پاڪستان کپي“ جي نعري سان چونڊن ۾ حصو ورتو۽ پيپلزپارٽيءَ پوري ملڪ ۾ سوڀ ماڻي۽ وزارت عظميٰ ، سينٽ جي چيئرمين شپ۽ ٽن صوبن جون حڪومتون پيپلزپارٽيءَ جي حصي ۾ آيون ۽ آصف زرداري پھريون ڀيرو پاڪستان جي صدارت جو منصب ماڻيو، تنھن ھوندي به متحدهه قومي مومينٽ کي اقتدار ۾ حصو پتي ڏيڻ لاءِ زرداري صاحب، مراد علي شاهه ۽ سندس سموري ٽيم سان گڏ نائن زيرو ياترا ڪري ساڻن ڳجهو معاھدو ڪيو جنھن تحت مڪاني ادارن وارو ٻٽو نظام لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي پر سنڌي قوم جي ڀرپور مزاحمت جي نتيجي ۾ کين اھو فيصلو واپس وٺڻو پيو. انھيءَ دوران اسان کي آسري ۾ رکي ڪالا باغ ڊيم لاءِ بجيٽ ۾ رقم رکي ويئي ۽ پنجاب کي ٿل ڪئنال ٺاھڻ ۾ پڻ مدد ڪئي ويئي.
سترھين آئيني ترميم ۾ اھو طئي ٿيل آھي ته ارسا ۾ وفاقي سرڪار جو نمائندو مستقل طور سنڌ مان کنيو ويندو، پر 2011 کان وٺي اڄ تائين، جڏھن پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت ھئي، آئين کي پيرن ھيٺان لتاڙيندي، سنڌ جي نمائندي کي ارسا مان ٻاھر اڇلائي، ان جي جاءِ تي پنھنجا من پسند ماڻھو آندا ويا جڏھن ته ھاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ به ارسا ۾ وفاق جي نمائندي لاءِ سنڌ جي حق ۾ فيصلو ڏنو، پر اُن کي حڪمرانن کنگهيو به ڪونه ۽ نه ئي عدالتن پنھنجي فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ ايڪشن کنيو. ان مجرماڻي خاموشيءَ جي نتيجي ۾ ھاڻي ارسا ۾ به اسان اڪثريت وڃائي ويٺا آھيون، پر گذريل سال کان وٺي ھن وقت تائين ته پيپلز پارٽيءَ سنڌي قوم سان ويساهه گهاتين جون سموريون حدون اورانگهيندي، سنڌو درياهه تي ڇھن ڪئنالن جي منظوري، گرين پاڪستان انيشئيٽو تحت سنڌ جون زمينون ڏيڻ، مائنر ۽ منرلز بل تي مجرماڻي خاموشي اختيار ڪرڻ، اظھار جي آزادي، ميڊيا تي پابندين ۽ عدالتن جا اختيار ختم ڪرڻ لاءِ 26 آئيني ترميم آڻڻ ۽ ڳجهه ڳوهه ۾ لينڊ پورٽ اٿارٽي بل تي صحيحون ڪري وفاق کي سنڌ ۽ بلوچستان جي سمنڊ، بندرگاھن، سمنڊ اندر موجود ٻيٽن ۽ سمنڊ سان لاڳاپيل ملڪيتون ڏيئي ڇڏيون. ھاڻي ته اقتدار ڌڻين پاران سنڌ جي وجود تي لڳاتار وار ڪيا پيا وڃن ۽ اھڙي آئين کي به برداشت نه پيو ڪيو وڃي، جنھن ۾ صوبن جي تاريخي حقن کي مڪمل تحفظ مليل ناھي پر ڪجهه آئيني تحفظ حاصل آھي.پيپلزپارٽيءَ جي وجود وٺڻ کان ھن وقت تائين جيڪڏھن 1977ع جي چونڊن جي نتيجي ۾ ضياءَ واري مارشل لاءَ لاڳو ٿيڻ تائين ٽن مھينن واري حڪومت کي ڳاڻيٽي ۾ نه به آڻجي تڏھن به پيپلز پارٽي مرڪز ۾ چار ڀيرا ۽ سنڌ ۾ ست ڀيرا حڪومت ڪري چڪي آھي جنھن ۾ آصف زرداريءَواري موجودهه پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ۾ لاڳيتو چوٿون ڀيرو حڪمراني ڪرڻ جو موقعو مليو آھي، پر سنڌ واسين جي زندگين ۾ ڪا بھتر تبديلي اچڻ بدران وفاق پاران سنڌ جي وسيلن کي تيزيءَ سان لٽيو ۽ ڦريو پيو وڃي، سنڌ ۾ بد امني ۽ ڌاڙيل راڄ نافظ آھي، معصوم ٻارن، نياڻين ۽ واپارين کي ڀنگ خاطر اغوا ڪيو پيو وڃي، پوليس گردي عام آھي، سياسي مخالفن ۽ قومي ڪارڪنن کي چورين، نشيدار شين جي واپار ۽ دھشتگرديءَ جي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي جيلن ۾ واڙيو پيو وڃي، پوري صوبي ۾ ڪرپشن جو راڄ آھي، جنھن جي نتيجي ۾ اربين رپين جا پروجيڪٽ مينھن جي ٿورڙي ڇنڊ پوڻ تي مٽيءَ جو ڍير بڻجي رھيا آھن، مھانگائيءَ نوڪري پيشه ماڻھن، ڏھاڙي ڪمائيندڙن ۽ سفيد پوشن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آھي،تعليم جو ٻيڙ غرق آھي، اسپتالن ۾ دوائون اڻلڀ آھن، بنا رشوت جي نوڪري به نٿي ملي، پاڻي سمنڊ ۾ نه ڪرڻ سبب سمنڊ لکين ايڪڙ زرعي زمينون ڳيھي چڪو آھي،زراعت ۽ ماھيگيري تباهه ٿي چڪيون آھن ۽ عدالتن ۾ انصاف جا در بند آھن. سنڌ جي تاريخي حقن ۽ وسيلن جي حفاظت لاءِ جاکوڙيندڙ سنڌ جي سمورين قومپرست پارٽين جو پروگرام ساڳيو آھي، سندن مطالبا ھڪجهڙا آھن، سموريون پارٽيون آئين جي حڪمراني چاھين ٿيون،سنڌ جا تاريخي حق حاصل ڪرڻ چاھين ٿيون، سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ کي ٻنجو ڏيڻ چاھين ٿيون ۽ سنڌ کي 1940ع واري ٺھراءُ موجب خودمختار، خود اختيار، حاڪم ۽ پنھنجن وسيلن جو مالڪ ڏسڻ چاھين ٿيون، پر تنھن ھوندي به سموريون قومپرست پارٽيون الڳ الڳ جدوجهد ڪندي نظر اچي رھيون آھن. اھوئي سبب آھي جو اھي اڄ تائين پيپلزپارٽيءَ جي مقابلي ۾ متبادل قيادت سامھون آڻي نه سگهيون آھن. جيستائين اھي سموريون پارٽيون پاڻ ۾ گڏجي ھڪ مضبود ۽ وسيح تر اتحاد ٺاھي پوءِ وفاقي پارٽين سان گڏجي ھڪ مضبوط متبادل قيادت سامھون آڻي موجودهه حڪمرانن آڏو بند نٿيون ٻڌن تيستائين حالتون نه فقط ساڳيون رھنديون پر ويتر خرابيءَ طرف وڌنديون رھنديون.