فريئر هال ڪراچي جو ماضي ، حال ۽ مستقبل

تحرير: امين جويو

جڏهن ڪراچيءَ ۾موجود قديم ۽ خوبصورت تاريخي عمارتن جي ڳالهه اچي تڏهن فريئر هال جهڙي بهترين شاهڪار اڏاوت کي ڪيئن ٿو وساري سگهجي!. فريئر هال هڪ ئي وقت وِينس ، هندستاني ۽ گوئٿڪ طرز وتعمير جي هڪ شاندار عمارت آهي، جنهن کي بارٽل فريئرجي خدمتن جي مڃتا طور ، ڪراچي شهر جي ماڻهن جوڙايو ۽ ان کي   ”فريئر هال“ جو نالو ڏنو.

بارٽل فريئر جنوري 1851ع کان آڪٽوبر 1859ع تائين سنڌ جو ڪمشنر رهيو ۽ سندس دور ۾ ڪراچي شهر۾بهترين سماجي، ثقافتي، واپاري ۽ تعليمي سرگرميون ٿيون. سنڌ جو نالي وارو محقق ۽ ڪراچي جي تاريخ تي دسترس رکندڙ سائين گل حسن ڪلمتي پنهنجي ڪتاب ؛ ”ڪراچي ؛ انگريز دور جون مشهورعمارتون“ ۾فريئر هال بابت لکي ٿوته ؛      ”فريئر هال جي اڏاوت جو ڪم سال 1863ع ۾شروع ڪيو ويو ۽ آڪٽوبر 1865ع ۾ هي شاندار عمارت جڙي راس ٿي، هن جي ڊزائين ڪرنل ڪليئروِلڪنزتيارڪئي. هن جي اڏاوت ۾گِزري، ٻولهڙي ۽ جنگشاهي جي جبلن جو اڇو ۽ ڀورو پٿراستعمال ڪيوويو.

فريئر هال جي اڏاوت تي هڪ لک اسي هزار روپيا خرچ آيو ، جنهن ۾ٻاويهه هزار پنج سئو روپيا ڪراچي جي ماڻهن جو چندو به شامل هو. هن هال ۾حڪومت کان سواءِ ڪراچي ميونسپلٽي جا ثقافتي۽ سماجي پروگرام پڻ ٿيندا هئا . هال کي ”ناچ گهر“ طور به استعمال ڪيوويندوهو. هي هال شروع ۾ساڍن ٻارنهن ايڪڙن تي پکڙيل هو ۽ هن جي ڇِت ۾استعمال ٿيل لوهه بَحري ٻيڙن ذريعي لنڊن منجهان گهرايو ويو هو.“ سال 1890ع ۾ايڊلجي ڊِنشا هتي هڪ يادگار ٺهرايو هو، ان کان سواءِ 1887ع ۾ ڪراچي ۾ رهندڙ هڪ يهودي مسٽر بَنجمن فِلنچ فريئر هال جي چوڌاري هڪ خوبصورت باغ ڊيزائين ڪيو۽ ٺهرايو.  فريئر هال ۾ راڻي وِڪٽوريا ۽ شاهه ايڊورڊ (ستين) جا خوبصورت سَنگمَرمَر جا مجسما لڳل هئا، اهي مجسما (ڪوئين لان) ۽ (ڪِنگ لان) ۾لڳل هئا.

مختلف ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن جو اڀياس ڪرڻ ۽ ڪراچيءَ جي پُراڻن رهواسين کان انٽريو وٺڻ کان پوءِ ڄاڻ ملي آهي ته ؛ ”راڻي وِڪٽوريا جي مُجسمي جي چئوطرف ننڍڙن ٻارڙن جهڙن فرشتن جا بت ٺهيل هئا ، جن جي وات منجهان ڦوهاري جي شڪل ۾ پاڻي هيٺ موجود حوض ۾ ڪِرندو هو ۽ اهو پاڻي لڳاتارهلندورهندوهو. اهي مُجسما تڏهوڪي مشهورسَنگتراش مسٽر هيموٿارٽيءَ ٺاهيا هئا.

راڻي وِڪٽوريا جو مجسمو 1906ع ۾ ۽ ايڊورڊ (ستين) جو مجسمو 1916ع ۾ لڳايو ويو ، پر پاڪستان جي قيام کان پوءِ اهي مجمسا سال 1961ع ۾ حڪومتي حڪم سبب هٽايا ويا.

ڪراچي جي جُهونن رهاڪُن موجب ؛ ” فريئر هال ۾موجود باغ ۾ هڪ لوهه جو خوبصورت ڇَپرو ٺهيل هوندو هو جيڪوسيمنٽ سان ٺهيل ٺُلهن جي آڌارَ تي بيٺل هوندو هو، ان ڇَپري هيٺان هر جمع جي ڏينهن تي بَرطانيا جي فوج جا بينڊ ماسٽر بينڊ وڄائيندا هئا. جنهن کي ڏسڻ لاءِ ڪراچي جا ماڻهو وڏي تعداد ۾ايندا هئا. پر اڳتي هلي سال 1968ع ۾ اهو ڇپرو به ختم ڪيو ويو.“  هن باغ جي اُترئين دروازي لڳ پهرئين عالمي جنگ جو يادگار ٺهيل آهي ، جيڪو 1921ع ڌاري ٺهرايو ويو ، هن يادگار تي انهن فوجين جا نالا لکيل آهن ، جن جو جهاز ڪراچيءَ ڏانهن ايندي تباهه ٿيو هو. باغ جي خوبصورتيءَ کي وڌائڻ لاءِ مِسٽر ايڊلجي ڊِنشا خاص دلچسپي ورتي ۽ 1946ع ۾ هُن ، هتي ناريلن جا وڻ ۽ هڪ (لُوٽس فائونٽين) لڳرايو. (جيڪو هن وقت موجود ناهي) سال 1963ع ۾ هن باغ جو نالو مٽائي (جِناح باغ) رکيو ويو ، پر اڳتي هلي وري به هن تي (فريئر هال ) جو نالو برقرار رهيو ۽ مشهور پڻ ٿيو.

سال 1867ع ۾ بارٽل فريئر جي اڳواڻيءَ ۾ هتي هڪ وڏي تقريب ٿي ، جنهن ۾ سيٺ نائو مل کي سندس خدمتن عيوض کيس (ستاره هِند) جي تمغي سان نوازيو ويو. ان کان سواءِ سال 1968ع ۾ هتي هڪ صنعتي نمائش پڻ لڳائي وئي جيڪا ننڍي کنڊ ۽ وچ ايشيا ۾لڳندڙ پهرئين وڏي نمائش هئي.هن نمائش ۾برطانيا، هندستان ۽ وچ ايشيا جي ملڪن جي واپارين شرڪت ڪئي هئي.

اهڙي طرح سال 1947ع تائين فريئر هال ۾ننڍا وڏا پروگرام، سيمينار، آجياڻي وارا پروگرام۽ ڪانفرنسون ٿينديون رهنديون هيون، جيڪڏهن رڳو انهن پروگرامن جا تفصيل گڏ ڪيا وڃن ۽ لکيا وڃن ته به هڪ جامع ڪتاب مُرتب ڪري سگهجي ٿو.  هن وقت به فريئر هال ڪافي بهترحالت ۾ آهي۽ هتي هڪ پارڪ، لائبرري، آرٽ گئلري، ڪلاس رومَ ۽ ڪجهه آفيسون ٺهيل آهن، جتي ڪراچي ۾ رهندڙ ماڻهو روزانو جي بنياد تي سون جي تعداد ۾ ايندا آهن ۽ پنهنجي دل وندرائيندا آهن. ان کان سواءِ هتي هر آچر تي نون توڙي پراڻن ڪتابن جي بازار لڳندي آهي، جنهن ۾اوري توڙي پَري جا ليکڪ ، دانشور ۽ اديب ايندا آهن .

مٿي ذڪر ڪيل پراڻيون شيون ۽ مجسما ته هن وقت فريئر هال ۾ نظر نه ٿا اچن ، پر جيڪڏهن منهنجي هيٺ ڏنل چند اهم صلاحن / گذارشن تي عمل نه ٿيو ته پوءِ مستقبل ۾ فريئر هال جو حشر به ٻين عام پارڪن ۽ قديم عمارتن جهڙو ٿي ويندو.

  1. فريئر هال ۾ هيروئن ، آئس ۽ ٻين هاڃيڪار نشن جا موالي هر وقت ڪُنڊن پاسن ۾ ٽُن لڳا پيا هوندا آهن سو چوڪيدارن ۽ نِگهباني ڪندڙن کي گهرجي ته انهن کي اتان ڀڄائي ڪڍن.
  2. فريئر هال ۾موجود پارڪ جي صفائي سٿرائي جو خيال رکيو وڃي ۽ اتي گهمندڙ ڦرندڙ توڙي راند روند ڪندڙن کي گند ڪچرو نه ڦهلائڻ لاءِ پابند ڪيو وڃي .
  3. فريئر هال جي چوڌاري سِي، سِي ، ٽي وي ڪئمرائون لڳايون وڃن ۽ جيڪو به ماڻهو ڪا چوري ڪندي يا گند ڪچرو ڦهلائيندي يا ڪو هاڃيڪار نشو استعمال ڪندي نظر اچي ، تنهن کي پڪڙي يڪدم پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي ۽ ان تي ڏنڊ هنيو وڃي يا وري سزا مقرر ڪئي وڃي.
  4. فريئر هال ۾ آرٽس ڪائونسل وانگر مختلف ڪلاڪارن کي سکيا ڏني وڃي ۽ انهن کي هتي مختلف ڪورس ڪرائي انهن جا سرٽيفڪيٽ ڏنا وڃن.
  5. فريئر هال ۾ ماضيءَ وانگر مختلف سماجي ۽ تفريحي پروگرام ڪرايا وڃن ته هن جي قديم تاريخي افاديت قائم رهي ۽ ماڻهن کي ڄاڻ پڻ حاصل ٿئي.

فريئر هال جي اڏاوت تي هڪ لک اسي هزار روپيا خرچ آيو ، جنهن ۾ٻاويهه هزار پنج سئو روپيا ڪراچي جي ماڻهن جو چندو به شامل هو. هن هال ۾حڪومت کان سواءِ ڪراچي ميونسپلٽي جا ثقافتي۽ سماجي پروگرام پڻ ٿيندا هئا . هال کي ”ناچ گهر“ طور به استعمال ڪيوويندوهو. هي هال شروع ۾ساڍن ٻارنهن ايڪڙن تي پکڙيل هو ۽ هن جي ڇِت ۾استعمال ٿيل لوهه بَحري ٻيڙن ذريعي لنڊن منجهان گهرايو ويو هو.“ سال 1890ع ۾ايڊلجي ڊِنشا هتي هڪ يادگار ٺهرايو هو، ان کان سواءِ 1887ع ۾ ڪراچي ۾ رهندڙ هڪ يهودي مسٽر بَنجمن فِلنچ فريئر هال جي چوڌاري هڪ خوبصورت باغ ڊيزائين ڪيو۽ ٺهرايو.  فريئر هال ۾ راڻي وِڪٽوريا ۽ شاهه ايڊورڊ (ستين) جا خوبصورت سَنگمَرمَر جا مجسما لڳل هئا، اهي مجسما (ڪوئين لان) ۽ (ڪِنگ لان) ۾لڳل هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.