نينگرين سان لڄالٽ ڪندڙ جوابدار وٽان 100 وڊيوز هٿ

ڪراچي (رپورٽر)جڊيشل مجسٽريٽ سائوٿ جي عدالت ۾ قيوم آباد واري علائقي ۾ ننڍي عمر جي نينگرين سان زيادتي ڪرڻ واري جوابدار شبير کي پوليس عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، عدالت جوابدار کي 5ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جاچ آفيسر ٻڌايو ته جوابدارجي موبائل فون مان 100کان وڌيڪ وڊيوز مليون آهن، جاچ آفيسر چيو ته جاچ  ۾ خبر پوندي ته جوابدار سان ٻيو ڪو جوابدار شريڪ آهي، جوابدار 2016کان ننڍي عمر جي نينگرين کي زيادتي جو نشانو بڻائي رهيوهو، يادرهي ته  ڊفنيس ٿاڻي جي پوليس ٻه ڏينهن اڳ شربت وڪروڪندڙن جوابدار شبير کي ان وقت گرفتار ڪيو جڏهن ماڻهو هن مٿان تشدد ڪري هيا هئا،  پوليس جي موجب شربت وڪرو ڪندڙن خلاف ٻن ڀينرن سوڌو 4 نينگرين سان لڄالٽ جاڪيس داخل آهن جڏهن ته جاچ آفيسر چيو ته اسان کي خبر پئي آهي ته جوابدار 100 ڇوڪرين سان اڻوڻندڙ حرڪتون ڪري چڪو آهي، جوابدار خلاف جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.