پشاور(م ڊ) پي ٽي آءِ خيبرپختونخوا پاران ڪالا باغ ڊيم جي مخالفت، معدني وسيلن بابت يڪطرفه فيصلن کي رد ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ خيبرپختونخوا (پي ٽي آءِ ڪي پي) پاران ڪالا باغ ڊيم منصوبي جي مڪمل مخالفت ڪئي وئي آهي ۽ معدني وسيلن بابت مرڪزي حڪومت جي يڪطرفه فيصلن کي رد ڪيو ويو آهي. خيبرپختونخوا ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر، جنرل سيڪريٽري ۽ ٻين عهديدارن جو اجلاس جنيد اڪبر جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس دوران پارٽي واضح طور تي موقف اختيار ڪيو ته ڪالا باغ ڊيم کي مڪمل طور رد ڪيو وڃي ڇو ته اهو زرخيز زمينون ٻوڙڻ، ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ ۽ صوبن جي وچ ۾ تڪرار پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجندو. معدني وسيلن بابت وفاق جا هڪ طرفا فيصلا رد ڪيا وڃن. باني پي ٽي آءِ جو معدني وسيلن بابت موقف تسليم ڪيو وڃي. معدني وسيلن ۽ منصوبن بابت خيبرپختونخوا اسيمبلي مان منظوري حاصل ڪرڻ لازمي قرار ڏني وئي. ڪمپنين سان ٿيندڙ معاهدن ۽ اڳوڻي فاٽا ۾ ترقياتي منصوبن جي جاچ جو اختيار ڪي پي اسيمبلي کي ڏنو وڃي. پارٽي اجلاس ۾ چار نقطن تي ٻڌل ايجنڊا پڻ صوبائي حڪومت آڏو پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو.. ضم ٿيل ضلعن (فاٽا وغيره) ۾ آپريشن ۽ ڊرون حملا بند ڪيا وڃن. سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 245 بابت داخل ڪيل اپيل واپس وٺي . 9 مئي سان لاڳاپيل سڀ ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ 8 فيبروري تي غيرقانوني قدم کڻندڙ عملدارن کي جوابدار بڻايو وڃي.آخر ۾ اها به ڳالهه شامل ڪئي وئي ته جيڪڏهن مرڪزي حڪومت يڪطرفه معاهدا يا آپريشن ڪري ٿي ته علي امين گنڊاپور عوام سان گڏ بيهندو.