گهوٽڪي ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، ٻه ڀائر قتل

گهوٽڪي(رپورٽ: عرفان علي سومرو) گهوٽڪي ويجهو چاچڙ برادري جي ماساتن جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جھيڙو، فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه ڀائر مارجي ويا، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، شگر مل ڀرسان ڳوٺ فقير محمد چاچڙ ۾ سڳاوتي تڪرار تان خيرات تي ويندڙ ماساتن جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه ڀائر عبدالهادي چاچڙ ۽ فياض چاچڙ موقعي تي ئي قتل ٿي ويا، هڪ ڄڻو طارق پٽ عبدالحليم چاچڙ زخمي ٿي پيو، اطلاع تي پوليس پهچي مقتولن جا مڙهه ۽ زخمي کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مقتولن جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا،ان موقعي تي مقتولن  جي وارثن جو چوڻ هو ته ٻنهي ڌرين جي پهريان ئي سڱابندي ٿيل آهي۽ ڌريون پاڻ ۾ ماسات آهن پر حمزه چاچڙ، جبار چاچڙ ۽ ٻين جوابدارن حملو ڪري اسان جي ٻن ڄڻن کي قتل ۽ هڪ ڄڻي کي زخمي ڪيو  آهي، جوابدارن کي فورن گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن اهڙي واقعي بعد ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو، جڏهن ته فائرنگ جي نتيجي ۾ مارجي ويل ٻن ڀائرن عبدالهادي چاچڙ، فياض چاچڙ ۽ زخمي ٿيل طارق پٽ عبدالحليم چاچڙ واري واقعي جو قتل ڪيس ڪچو ٻنڍي ٿاڻي تي مقتولن جي چاچي ڀاڳيل پٽ گاهي خان چاچڙ جي فرياد تي 6 سڃاتل ۽ ٽن اڻسڃاتلن سميت 9 جوابدار مٿان  ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ جوابدار عبدالجبار پٽ حمزو چاچڙ،حمزو پٽ قادربخش،ممتاز پٽ همزو، ڄام نواز پٽ صابر علي، وڪيل پٽ ڄام علي نواز،صابر پٽ ڄام علي نواز چاچڙ کي جوابدار طور تي نامزد ڪيو ويو آهي،هوڏانهن ڪيس داخل ٿيڻ باوجود به پوليس ڪنهن به جوابدار کي گرفتار ناهي ڪري سگهي، وارثن پاران آءِ جي سنڌ،ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو  ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.