گهوٽڪي(ڊ ر) گهوٽڪي ڀرسان ناري سان گهر ۾ گهڙي زبردستي لڄالٽ، عادلپور ٿاڻي تي واقعي جي ايف آءِ آر داخل، جوابدار گرفتار نه ٿيو، خبرن موجب گهوٽڪي ڀرسان عادلپور ٿاڻي حد ڳوٺ گولو ابڙو ۾ 27 ورهين جي ناري مائره ڌيءَ غلام حيدر ابڙو کي گهر ۾ گهڙي زبردستي لڄالٽ جو نشانو بڻايو ويو آهي، واقعي جي ايف آءِ آر عادلپور ٿاڻي تي سرڪار پاران فياض چيما جي فرياد تي داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ جهانگير ولد عبدالغني ابڙو کي نامزد ڪيو ويو آهي، پر پوليس ملوث جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.