ڪراچي( رپورٽر )سنڌ جي استادن کي تيز، مؤثر ۽ جديد تدريسي نظام ۾ مدد ڏيڻ لاءِ آرٽيفشل انٽيليجنس جي بنياد تي آن لائين تربيت جي شروعات ڪئي پئي وڃي، هن سلسلي ۾ سنڌ اسڪول ايجوڪيشن کاتي، يونيسيف ۽ خان اڪيڊمي پاڪستان گڏيل طور AI ٽيچر ٽريننگ پائلٽ پروجيڪٽ جي لانچ کان اڳ مفاهمتي يادداشت (MoU) تي صحيحون ڪيون ويون، تقريب ۾ تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، ڇهن مهينن جي پائلٽ پروجيڪٽ ۾ دادو، ٽنڊو الهيار، ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلعن جي 3500 استادن کي تربيت فراهم ڪئي ويندي، ان موقعي تي سردار علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت تعليم ۾ جدت ۽ معيار کي بھتر ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو حاصل ڪندي اسان جا استاد پھريان کان وڌيڪ اعتماد سان ڪلاس ۾ داخل ٿيندا.