ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ڪراچي ملير جي عدالت ۾ هڪ 3 سالن جي ٻار جي دهشتگردي ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪئي وئي،سوشل ميڊيا تي محمد عارف نالي صارف وڊيو رکي جنهن ۾ ايڊووڪيٽ محمد عارف ٻڌايو ته ان ٻار سميت سندس گهرڀاتين تي ايف آءِ آر 22 اي تحتملير ڪورٽ جي حڪم تي سهراب ڳوٺ ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي،هن چيو ته هن ٻاررحيم الله تي 379 سيڪشن اي،149۽ 427 جي شقن تحت ايف آءِ آر داخل ٿي آهي،ملير جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت مان هن ٻار جي اسان ضمانت ڪرائي آهي،هن ٻار تي قتل جون ڌمڪيون ڏيڻ ۽ 90 هزار جو جنريٽر چوري ڪرڻ جو الزام آهي،عدالتن کي به ان واقعي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي،جيڪڏهن عدالت غلطي سان معصوم ٻار جو نالو ايف آءِ آر لاءِ ڏئي به ڇڏيو ته ايس ايڇ او سهراب ڳوٺ کي ته هوش ڪرڻ گهرجي ها جنهن تي ناليواري صحافي حامد مير ٽوئيٽ ڪيو ته ايس ايڇ او سهراب ڳوٺ جو ڏوهه ناهي،اصل ڏوهه ان بااثر شخصيت جو آهي جنهن جي سفارش تي هڪ نااهل شخص کي ايس ايڇ او لڳايو ويو، ان ٻار تي ايف آءِ آر داخل ڪندڙ ايس ايڇ او کي گرفتار ڪري هن خلاف ڪيس هلايو وڃي ته ان جي سرپرستن جي به خبر پئجي ويندي