غزا (م ڊ) فلسطيني صحت واري وزارت موجب، گذريل ڏينهن اسرائيلي حملن ۾ وڌيڪ 72 فلسطيني شهيد ٿي ويا ۽ 356 زخمي ٿيا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته مارچ ۾ جنگبندي ختم ٿيڻ کانپوءِ اسرائيلي حملن ۾ 12 هزار 170 فلسطيني مارجي ويا، جڏهن ته 51 هزار 818 زخمي ٿيا. صحت واري وزارت ٻڌايو ته 7 آڪٽوبر 2023 کان وٺي اسرائيلي ڪارروائين ۾ 64 هزار 718 فلسطيني مارجي ويا ۽ هڪ لک 63 هزار 859 زخمي ٿيا. تازين ڪارروائين ۾ امداد جا منتظر فلسطيني به نشانو بڻايا ويا، جنهن ۾ 9 شهيد ۽ 87 زخمي ٿيا. ساڳئي وقت خوراڪ جي کوٽ سبب وڌيڪ 7 فلسطيني موت جو کاڄ بڻجي ويا، جڏهن ته غذائي کوٽ سبب شهيد ٿيندڙن جو انگ 411 ٿي ويو آهي، جن ۾ 142 ٻار به شامل آهن.