ڀٽائي آباد ۾ خوفناڪ واقعو، هڪ ئي گهر جون ٽي عورتون ڳلو ڪپي قتل

ملير/ڪراچي اوڀر (رپورٽ: جميل چانڊيو+ آزاد نوناري)  ملير ڪينٽ جي حد ڀٽائي آباد ۾ گهر اندر ٽن عورتن جا ڳلو ڪپيل لاش هٿ جڏهن ته هڪ مرد سميت هڪ ٻارڙي زخمي، صوبائي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار ۽ صوبائي وزير شاهينه شير علي جو واقعي جو نوٽيس، ايس ايس پي ملير کان واقعي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي، ايس ايس پي ملير واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو، جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار، خبر موجب: ملير جي ڀٽائي آباد واري علائقي ۾ گهر مان ٽن عورتن جا ڳلو ڪپيل لاش هٿ جڏهن ته هڪ مرد ۽ هڪ ٻارڙي زخمي حالت ۾ هٿ، اطلاع ملڻ تي ملير ڪينٽ پوليس ايس ايس پي ملير، رينجرز ۽ ايڌي ايمبولينسون واقعي واري هنڌ پهچي ويون، ضروري ڪارروائي بعد لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ ۽ زخمين کي طبي امداد لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ابتدائي ڄاڻ موجب هٿ آيل عورتن جي لاش جي سڃاڻپ تانيه، عاشي ۽ نينه جي نالن سان ٿي آهي جڏهن ته واقعي دوران اجي رام ۽ ٻارڙي نندي زخمي ٿي پئي جن کي علاج لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو آهي، ڪرائيم سين يونٽ ۽ اسپيشل ٽيمون واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪري رهيون آهن، ايس ايس پي ملير جو وڌيڪ چوڻ هو ته شروعاتي جاچ دوران ٻارڙي نندي ۽ هڪ عورت بيان ڏنو آهي ته انهن جي مامي اجي رام ڇُرين جا وار ڪري عورتن کي قتل ڪيو، ايس ايس پي ملير جي هدايت تي پوليس جون خاص ٽيمون جوڙيون ويون آهن ته جيئن جلد کان جلد قاتلن کي گرفتار ڪري سگهجي، صوبائي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار ملير ڪينٽ ٿاڻي جي حد ڀٽائي آباد ۾ ٽن عورتن جي قتل ۽ ٻن ڄڻن جي زخمي ٿيڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ملير کان واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي، ضياءُالحسن لنجار واقعي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته واقعي جا سبب فوري طور تي سامهون آندا وڃن ذميوارن کي قانون مطابق سخت سزا ڏني ويندي. عورتن جي ترقي ۽ ڀلائي واري صوبائي وزير شاهينه شير علي واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ملير کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، ايس ايس پي ملير رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته واقعو گهريلو جهيڙو آهي جوابدار کي قتل ۾ استعمال ٿيندڙ اوزار سميت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.