دوحا(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف اسرائيل جي تازي حملي جي پس منظر ۾ اظهارِ يڪجهتي لاءِ قطر جو هڪ ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪيو، جتي هن امير قطر شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات ڪئي، وزيراعظم هائوس جي پڌرائي مطابق وزيراعظم 9 سيپٽمبر تي دوحا تي اسرائيلي حملي جي پاڪستان طرفان سخت مذمت ڪئي ۽ ان کي قطر جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي واضع ڀڃڪڙي قرار ڏنو، وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي قيادت ۽ عوام کي ڀائيچاري واري ملڪ قطر خلاف حملي تي سخت ڳڻتي آهي، پاڪستان مشڪل وقت ۾ امير قطر، شاهي خاندان ۽ قطري عوام سان گڏ بيٺو آهي، هن قطري قيادت کي بنا جواز اشتعال انگيزي خلاف پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو يقين ڏياريو ۽ اسرائيلي حملي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي همدردي جو اظهار ڪيو، وزيراعظم غزه ۾ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ قطر جي تعميري ثالثي واري ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته اسرائيل جون جارحاڻيون ڪارروايون علائقائي استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش آهن، جنهن سان جاري سفارتي ۽ انساني ڪوششن کي به خطرو لاحق ٿي ويو آهي.