جوهي ۾ اسڪولي شاگردن سان بدفعلي ڪري وڊيو ڀرڻ جو انڪشاف

جوهي (ن ع آ) جوهي ۾ معصوم شاگردن سان جنسي ڏاڍائي ڪري وڊيو ڀرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان سلسلي ۾ متاثر شاگردن جي والدين جوهي جي مذھبي جماعت جي اڳواڻ سيد علي رضا شاھ ۽ غلام حيدر پنهور سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته جوهي شهر اندر هڪ گروهه پاران مختلف خانگي اسڪولن جي شاگردن سان جنسي ڏاڍائي ڪري وڊيوز ٺاهيون آهن، انهن وڊيوز جي بنياد تي بار بار ملڻ ۽ ان معاملي جو ڪنهن سان ذڪر نه ڪرڻ جا داٻا ڏنا ويا آهن، ڪالهه جڏهن هڪ شاگرد زخمي حالت ۾ گهر پهتو ته والدين بار بار بار پڇڻ بعد هن روئندي ٻُڌايو ته ساڻس زبردستي زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي انڪار ڪرڻ تي تشدد ڪيو ڀڄي گهر پهتو آھيان، ٻاهر ويندس ته ماري ڇڏيندا، غلام حيدر پنهور چيو ته منهنجي 12 ورهين ننڍڙي کي زيادتي جو نشانو بڻائي وڊيو ڀري بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي هو هاڻي اسڪول وڃڻ لاءِ تيار ناهي، ننڍڙي عمر ۾ ذھني مريض بڻجندا پيا وڃن، جوهي ٿاڻي تي ٻن جوابدارن عابد عرف فيض سومرو ۽ گاگو جمالي مٿان اين سي داخل ڪرائڻ بعد ٻيا متاثر ٻار به ظاهر ٿيا آهن، هنن ايف آءِ اي ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو آهي ته معصوم ٻارن سان زبردستي ڏاڍائي ڪندڙ گروهه کي سوگهو ڪري سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.