ڪراچي: نوجوان خالد ڪوريجو جي مبينا قتل خلاف شاگردن جو احتجاج، قاتلن جي گرفتاريءَ جو مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ شاگردن نوجوان خالد ڪوريجو جي مبينا قتل خلاف ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو.
شاگرد اڳواڻ شهنشاهه حسين، جي ايم جاگيراڻي، فرحان ٻگھيو، حسنين بليدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهيد ذوالفقار ڀٽو لا ڪاليج کان ڪراچي پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شاگردن چيو ته خالد ڪوريجو کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي ۽ سندس ناحق قتل خلاف هو روڊن تي نڪري آيا آهن.
هنن چيو ته خالد ڪوريجو جي قتل کي هڪ هفتي کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، پر پوليس اڃا تائين جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.
احتجاج ڪندڙ شاگردن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته خالد ڪوريجو سان انصاف ڪيو وڃي ۽ قاتلن کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.