غوثپور (رپورٽ: عبدالجبار اوڳاهي) سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ڌاڙيل راج خلاف جي يو آءِ سنڌ پاران 14 سيپٽمبر کان پنج ڏينهن جو سنڌ امن مارچ ڪنڌڪوٽ کان نڪرندو، جيڪو 18 سيپٽمبر تي ڪراچي ۾ وزيراعليٰ هائوس آڏو پهچندو، جتي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان خطاب ڪندو، ان سلسلي ۾ علامه راشد محمود سومرو جو چوڻ آھي ته پروگرام موجب 14 سيپٽمبر تي ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور ۽ سکر ۾ وڏا احتجاجي جلسا،15 سيپٽمبر خيرپور ميرس، نوشهروفيروز ۽ نوابشاهه، 16 سيپٽمبر تي مٽياري، حيدرآباد ۽ ٽنڊو محمد خان، 17 سيپٽمبر تي سجاول ۽ ٺٽو ۾ امن ڌرڻا ۽ 18 سيپٽمبر تي قائدآباد ڪراچي مان امن ڪاروان نڪرندو ۽ وزيراعليٰ هائوس ٻاهران ڌرڻو هنيو ويندو، هن سنڌ جي عوام ۽ ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته هو هن امن ڪاروان ۾ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري ۽ سنڌ مان بدامني ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل آواز بلند ڪن.