ميرپور ماٿيلو (رپورٽ :علي وسير ) ميرپور ماٿيلو شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي گزري فريادي ڌر پيش نه ٿي سگھي گرفتار جوابدار اصغر لنڊ ۽ عبدالله لنڊ عدالت ۾ پيش ٻڌڻي 22 سيپٽمبر تائين ملتوي تفصيل موجب ميرپور ماٿيلي جي شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي اي ٽي سي ڪورٽ ميرپور ماٿيلو ۾ ٿي گذري ان موقعي تي شھيد صحافي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن عبدالله لنڊ ۽ اصغر لنڊ کي پيش ڪيو ويو جڏھن ته فريادي ڌر عدالت ۾ پيش نه ٿي سگھي ياد رهي ته گذريل ٻڌڻي بعد عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي چيو ھو ته بااثر جوابدارن اسان سان وڏو ظلم ڪيو آھي پر اسان کي عدالتن مان انصاف جي اميد آھي