ڪراچي (رپورٽر) شهرِ قائد جي هڪ خانگي بئنڪ ۾ ڏيڍ ارب رپين جي فراڊ ۾ ملوث جوابدارن کي ايف آءِ اي گرفتار ڪري ورتو آهي، فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي وڏي ڪارروائي ڪندي ڪراچي جي هڪ نجي بئنڪ مان ڏيڍ ارب رپين جي فراڊ ۾ ملوث بئنڪر عظيم الشان ۽ پي آءِ اي جي نائب قاصد ڪاشان کي گرفتار ڪري سندن سڀ اڪائونٽ منجمد ڪري ڇڏيا آهن ۽ وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي، ايف آءِ اي موجب، هن وڏي فراڊ لاءِ جوابدارن هڪ جعلي ڪمپني سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان ۾ رجسٽرڊ ڪرائي، ۽ هن ڪم ۾ لاڳاپيل بئنڪ جا ٽي آفيسر به شامل هئا.