ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ وڌندڙ ٽريفڪ جام جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته قيوم آباد، ڪورنگي ۽ ويجهن علائقن ۾ ٽريفڪ جا مسئلا فوري طور حل ڪيا وڃن. ان سلسلي ۾ مراد علي شاهه ڪورنگي ڪراسنگ ۽ ڪاز وي بند ٿيڻ بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي آهي. هن ڪمشنر ڪراچي ۽ ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي کي هدايت ڪئي آهي ته ٽريفڪ پوليس سان مڪمل سهڪار ڪيو وڃي ته جيئن شهرين کي آسان سفر لاءِ سهولتون فراهم ٿي سگهن.