اربين رپين سان ٺهيل شاهراهه ڀٽو جو وڏو حصو برساتي پاڻي ۾ لڙهي ويو!

ملير/ گڏاپ (نمائندا) مسلسل برساتن سبب ملير ايڪسپريس وي (شاهراهه ڀٽو) جو وڏو حصو لڙهي ويو آهي، ڄام ڳوٺ ۽ ميمڻ ڳوٺ جي وچ ۾ ڊيم ٽٽڻ بعد پاڻي جي تيز وهڪري سبب روڊ جو حصو لڙهي ويو، ماسٽر پلان مطابق انهيءَ هنڌ پل ٺاهڻ جي گنجائش هئي، پر ان جي بدران مٽي وجهي ڀرائي ڪئي وئي، جيڪا برساتن کان پوءِ لڙهي وئي ۽ روڊ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو، ذريعن موجب منصوبو شروعاتي طور 24 ارب روپين جي بجيٽ سان شروع ٿيو هو، جيڪو وڌي 44 ارب تائين پهتو، پر ان باوجود روڊ برساتن جو دٻاءُ نه سهي سگهيو، روڊ ٽٽڻ سبب انتظاميا پريشاني ۾ مبتلا ٿي وئي آهي، ملير ايڪسپريس وي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت تعمير ڪيو ويو آهي، جنهن جي ٻنهي پاسن واري ڪيريح وي جي ويڪر 36،36 فوٽ ۽ ڊيگهه 40 کان 50 فوٽ آهي، شهرين هن اهم شاهراهه جي ٽٽڻ ۽ خطرناڪ ڏار پوڻ تي افسوس ۽ حيرت جو اظهار ڪيو آهي، انتظاميا جي هڪ آفيسر، نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ندي جي رخ واري پاسي لڳايل حفاظتي پٿر به وهجي ويا آهن، جڏهن ته ڀرائي ڪيل مٽي مڪمل طور لڙهي ويئي آهي، جنهن جو سنجيدگي سان جائزو ورتو پيو وڃي، هوڏانهن علائقي واسين احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته ملير ايڪسپريس وي جي فوري طور تي مضبوط ۽ پائيدار مرمت ڪئي وڃي ته جيئن وڏن حادثن کان بچي سگهجي ۽ اربين روپين جي هن منصوبي کي وڌيڪ نقصان کان بچائي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.