ڪراچي (رپورٽر) صوبائي وزير توانائي، ترقيات ۽ منصوبابندي سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت سيلابي صورتحال تي لڳاتار نظر رکي رهي آهي ۽ عوام جي حفاظت لاءِ سڀ ضروري قدم کنيا پيا وڃن. هن ٻڌايو ته اڃا تائين لڳ ڀڳ 70 هزار ماڻهن کي رليف ڪيمپن ۽ محفوظ جڳهن تي منتقل ڪيو ويو آهي. ناصر شاهه موجب هن وقت گڊو بئراج وٽ پاڻي جي آمد لڳ ڀڳ پنج لک ڪيوسڪ آهي، جيڪا ڪنهن وڏي خطري جي نشاندهي نٿي ڪري ۽ ان کي بهتر نموني سنڀاليو پيو وڃي. هن چيو ته ماهرن جي اڳڪٿي موجب پاڻي جو وهڪرو 6 کان 7 لک ڪيوسڪ تائين وڃي سگهي ٿو، جنهن لاءِ سنڌ حڪومت مڪمل تياريون ڪري ڇڏيون آهن.