لاهور(بيورورپورٽ)هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان ۾ ٻوڏ تباهين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي۔ مرڪزي ۽ ڏکڻ پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ گلگت بلتستان جي مختلف علائقن مان مليل رپورٽن ۾ انساني جانيُن ۽ مالي نقصانن جي وسيع پيماني تي نشاندهي ڪئي وئي آهي۔ ڪميشن جو چوڻ آهي ته هي آفتون هاڻي صرف قدرتي نه رهيون آهن پر ناقص منصوبابندي، زمينن تي قبضن، ٻيلن جي ڪٽائي، بدعنواني ۽ ماحولياتي غفلت جو نتيجو آهن جن جي ذميواري رياست ۽ مسلسل ايندڙ حڪومتن تي لاڳو ٿئي ٿي. هيومن رائيٽس ڪميشن واضح ڪيو ته ريسڪيو ۽ امدادي آپريشن جاري آهن پر انهن قدمن کي فوري طور وڌائڻ جي ضرورت آهي۔ وڌيڪ ريسڪيو ٽيمون مقرر ڪيون وڃن ۽ امدادي ڪيمپن جو دائرو وسيع ڪيو وڃي ته جيئن خوراڪ، پناهه، صاف پاڻي ۽ طبي سهولتن تائين برابري جي بنياد تي رسائي يقيني بڻائي سگهجي۔ خاص ڌيان عورتن، ٻارن، عمر رسيده شھرين ۽ معذور ماڻهن ڏانهن ڏنو وڃي۔ ڪميشن موسمياتي پناهگيرن جي سنگين مسئلن کي پڻ اجاگر ڪيو آهي جيڪي پنهنجا گهر بار ۽ روزگار ڇڏي وڃڻ تي مجبور ٿيا آهن۔ حڪومت کي گهرجي ته انهن بي گهر ماڻهن جي ڊگهي مدي واري آبادڪاري جا منصوبا، رهائش تائين رسائي ۽ روزگار جي سهولت فراهم ڪري۔ انهن مسئلن کي حل نه ڪرڻ سان غربت، سماجي محرومي ۽ بي امني ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. وڏي زرعي زمينن جي ٻڏڻ ۽ فصلن جي تباهي سبب خوراڪ جي فراهمي متاثر ٿيندي جيڪا هڪ سنگين اقتصادي ۽ انساني بحران کي جنم ڏيندي۔ڪميشن حڪومت کي خبردار ڪيو ته جزوي ۽ عارضي قدمن سان مسئلا حل نه ٿيندا۔ مڪمل وسيلن سان ليس، بااختيار ۽ فعال مقامي حڪومتن جو قيام لازمي آهي ته جيئن مقامي سطح تي آفتن کي منهن ڏيڻ جي تياري ۽ فوري ردعمل يقيني بڻائي سگهجي. هيومن رائيٽس ڪميشن وفاقي ۽ صوباڻي حڪومتن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجا آئيني فرض پورا ڪن، سياسي بصيرت ۽ عزم جو مظاهرو ڪن ۽ اهڙا جامع ۽ فيصلائتا قدم کڻن جيڪي پاڪستان کي هر سال جي تباهي ۽ بي گهر ٿيڻ واري هن دائري مان ٻاهر ڪڍي سگهن۔