زمين وڪڻڻ بعد ويجهڙائپ، بلاول ڀٽو ممتاز ڀٽو جي تڏي تي پهتو

نئون ديرو (رپورٽ: محمد علي جروار) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي اڳوڻي سياسي مخالف سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مرحوم ممتاز علي ڀٽو جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ لاءِ ميرپور ڀٽو ڏهيسر هائوس پهتو، جتي ممتاز ڀٽو جي فرزند سردار اميربخش ڀٽو سان تعزيت ڪئي ۽ ممتاز علي ڀٽو جي مغفرت لاءِ فاتحه خواني ڪري دعا گهري، بعد ۾ بلاول امير بخش خان ڀٽو سان ڊگهي ڪچهري ڪئي، مرحوم ممتاز ڀٽو ۽ پيپلز پارٽي جي وچ ۾ سياسي اختلافن جي ڪري ٻنهي خاندانن ۾ ڊگهي عرصي کان فاصلو رهيو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو اختلافن باوجود ميرپور ڀٽو ۾ ممتاز علي ڀٽو جي والد نواب نبي بخش ڀٽو سان ملاقات ڪندي هئي، محترمه جي شهادت واقعي بعد ممتاز علي ڀٽو نئون ديرو هائوس ۾ صنم ڀٽو سان تعزيت ڪئي هئي، ڪيٽي ممتاز واري زمين وڪرو ڪرڻ بعد ٻنهي خاندانن وچم ٻيهر ويجهڙائپ ٿي آهي، بلاول ڀٽو زرداري پهريون ڀيرو ميرپور ڀٽو پهتو، ان موقعي تي ايم اين اي اعجاز جکراڻي، ايم پي اي جميل سومرو، صوبائي وزير ڄام خان شورو، سهيل انور سيال حسن محمود شاھ امروٽي به موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.