نئون ديرو(رپورٽ: محمد علي جروار) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نئون ديرو هائوس کان موريا لوپ بند جو جائزو وٺڻ لاءِ بند تي پهچي بند جي مضبوطي لاءِ هلندڙ ڪم جو جائزو ورتو، جتي آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي موريا بند تي هاڪي اسپر ۽ پٿرن جي پچنگ واري هلندڙ ڪم بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. جڏهن ته آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري ظريف کيڙو بلاول ڀٽو زرداري کي ٻوڏ جي وهڪرن بابت بريفنگ ڏني. بلاول ڀٽو زرداري موريا لوپ بند تي هلندڙ پچنگ ۽ هاڪي اسپر جي هلندڙ ڪم جو معائنو به ڪيو. پ پ چيئرمين آبپاشي عملدارن کي بند کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سختيءَ سان هدايتون ڏنيون. پ پ چيئرمين جي موريا لوپ تي اچڻ کان سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا هئا ۽ ميڊيا کي ڪوريج کان پري رکيو ويو، ان موقعي تي ايم اين اي اعجاز جکراڻي، ايم پي اي سهيل انور سيال، ايم پي اي جميل سومرو، صوبائي صلاحڪار بلند خان جوڻيجو ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.