راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا ۾ سيڪيورٽي فورسز ٽن الڳ ڪارروائين دوران فتنه الهندوستان جي 19 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، سيڪيورٽي فورسز مهمند ضلعي جي علائقي ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو.
آپريشن دوران فورسز خارجين جي ٿاڪن کي اثرائتي نموني نشانو بڻايو، جنهن دوران شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڀارتي سرپرستي هيٺ 14 خارجي مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب، انٽيليجنس بنياد تي ٻيو آپريشن اتر وزيرستان جي علائقي دته خيل ۾ ڪيو ويو، جتي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ وڌيڪ 4 خارجي مارجي ويا، جڏهن ته ٽيون آپريشن بنون ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ هڪ خارجي ماريو ويو.
ترجمان موجب، ٻن ڏينهن دوران فتنه الهندوستان جا 19 خارجي مارجي چڪا آهن، جن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو. ڄاڻايل خارجي علائقي ۾ دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هئا.
آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ٻين خارجين جي خاتمي لاءِ علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.
You might also like