پاڪستان جي تاريخ ۾ نوجوان سدائين مستقبل جي اميد ۽ قوم جو سرمايو سمجهيا ويا آهن۔ انهن ئي نوجوانن کي ضابطن، حب الوطني ۽ قرباني جي جذبي سان روشناس ڪرائڻ لاءِ پاڪستان بواءِ اسڪائوٽس ايسوسيئشن جو قيام عمل ۾ آيو۔ هن تنظيم جي قيادت هميشه اهڙي شخصيت کي سونپي وئي آهي جيڪا نه رڳو قومي خدمت جو شعور رکي ٿي پر نوجوان نسل لاءِ عملي رهنمائي جي علامت به بڻجي ٿي۔ اهو ئي سبب آهي جو چيف اسڪائوٽ ڪمشنر جو منصب صرف اعزاز نه، پر هڪ ڳري قومي ذميواري آهي۔
صدر زرداري جو اعتماد
صدر پاڪستان آصف علي زرداريءَ تازو ئي چوڌري محمد رياض کي پاڪستان بواءِ اسڪائوٽس ايسوسيئيشن جو چيف اسڪائوٽ ڪمشنر مقرر ڪيو آهي۔ هي فيصلو ان ڳالهه جو مظهر آهي ته ملڪ جي اعليٰ قيادت نوجوانن جي مستقبل جي تعمير ۾ سڌي دلچسپي رکي ٿي۔ آصف علي زرداري سدائين اهو ثابت ڪيو آهي ته هو رڳو سياست ۾ استحڪام جا خواهشمند ناهن، پر ايندڙ نسل کي به قومي وهڪري جو فعال حصو ڏسڻ چاهين ٿا۔
چوڌري رياض: سياست، سماجي خدمت ۽ بين الاقوامي قيادت
چوڌري رياض جو نالو پاڪستان پيپلز پارٽي جي هر جيالي لاءِ ڄاتل سڃاتل آهي۔ هو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو مخلص ساٿي، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا ويجهو ساٿي ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ٻانهن وانگر آهن۔ سندس سياسي سفر استقامت، جمهوريت ۽ عوامي خدمت جو هڪ روشن مثال آهي۔
چوڌري رياض برطانيه سميت ٻاهرين ملڪن ۾ پيپلز پارٽي جي نوجوان ۽ جيالي نيٽ ورڪ جي تنظيم سازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي۔ هو آزاد ڪشمير ۾ به پارٽي جي تنظيم ۽ نوجوانن جي تربيت ۾ سرگرم رهيو آهي. سندس اڳواڻي ۾ پارٽي نوجوانن کي سياست ۽ سماجي ۽ تعليمي خدمتن جي پروگرامن ۾ شامل ڪيو، جيڪو هڪ مثالي امتزاج هو۔
هاڻي جڏهن هو چيف اسڪائوٽ ڪمشنر جي منصب تي فائز ٿيا آهن، ته اميد رکي سگهجي ٿي ته هو نوجوانن کي بين الاقوامي سطح تي به تربيت ڏيندو ۽ قومي خدمت ۽ اڳواڻي جون صلاحيتون سيکاريندو۔
ماضي جي روشن روايت
پاڪستان ۾ هن عهدي تي اڳ به ڪيتريون ئي نمايان شخصيتون رهيون آهن:
نياز محمد خان — عالمي سطح تي پاڪستان جا نمائندو۔
جسٽس سيد غوث علي شاهه — اڳوڻو وزيراعليٰ سنڌ ۽ وفاقي وزير دفاع۔
زبيده جلال — نامور سياستدان ۽ وفاقي وزير۔
راحيلا دراني — بلوچستان اسيمبلي جي پهرين عورت اسپيڪر۔
اهي سڀئي نالا ان ڳالهه جا شاهد آهن ته چيف اسڪائوٽ ڪمشنر جو عهدو هميشه اهڙي قيادت کي ڏنو ويو آهي جيڪا سياست ۽ خدمت ٻنهي ميدانن ۾ نمايان رهي آهي۔
چوڌري رياض جي مقرري ان حقيقت جو اعلان آهي ته هاڻي نوجوان نسل جي رهنمائي هڪ اهڙي اڳواڻ جي حوالي آهي جيڪو عوامي خدمت، بين الاقوامي تجربي ۽ سياسي وابستگي جو حسين ڳانڍاپو آهي۔ صدر آصف علي زرداري جو هي فيصلو نوجوانن لاءِ نيون راهون کوليندو ۽ اسڪائوٽ تحريڪ کي نئين توانائي عطا ڪندو۔
صدر پاڪستان آصف علي زرداريءَ تازو ئي چوڌري محمد رياض کي پاڪستان بواءِ اسڪائوٽس ايسوسيئيشن جو چيف اسڪائوٽ ڪمشنر مقرر ڪيو آهي۔ هي فيصلو ان ڳالهه جو مظهر آهي ته ملڪ جي اعليٰ قيادت نوجوانن جي مستقبل جي تعمير ۾ سڌي دلچسپي رکي ٿي۔ آصف علي زرداري سدائين اهو ثابت ڪيو آهي ته هو رڳو سياست ۾ استحڪام جا خواهشمند ناهن، پر ايندڙ نسل کي به قومي وهڪري جو فعال حصو ڏسڻ چاهين ٿا۔