وفاقي ڪابينا جو نون گيس ڪنيڪشنز تي لاڳو پابندي ختم ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت گهريلو استعمال لاءِ نون گيس ڪنيڪشنز تان پابندي کڻي ڇڏي.
وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ۽ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي.
صحافين سان ڳالهائيندي علي پرويز ملڪ چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ٿيا، عوام جي سهولت لاءِ آر ايل اين جي جا نوان ڪنيڪشن جاري ڪيا ويندا، آر ايل اين جي درآمدي ايل پي جي کان 35 سيڪڙو تائين سستي هوندي.
طارق فضل چوڌري چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ ٻوڏ جي صورتحال ۽ نقصانن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، وفاقي ڪابينا فوري طور موسمياتي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
هن ٻڌايو ته ٻوڏ سبب ڪابينا زرعي ايمرجنسي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، چئني صوبن، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان حڪومتن سان مشاورت ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته 2021 کان گهريلو واهپيدارن جي گيس ڪنيڪشنز تي پابندي هئي، اڄ وزيراعظم فيصلو ڪيو آهي ته گيس ڪنيڪشن ڏنا ويندا، گيس ڪنيڪشن نه هجڻ سبب جيڪي ڏکيائيون هيون، هاڻ ختم ٿينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.