اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ زرعي ۽ موسمياتي ايمرجنسي لڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال کي ڏسندي سڄي ملڪ ۾ ڪلائميٽ ايمرجنسي ۽ زرعي ايمرجنسي لڳائڻ جي اصولي منظوري ڏني وئي.
وزيراعظم چئني صوبن جي وڏن وزيرن ۽ لاڳاپيل اختيارين تي ٻڌل اجلاس گهرائڻ جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ موسمياتي تبديلي جا نقصان گهٽائڻ ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي مشاورت ٿيندي.
اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلين کي راتورات منهن نٿو ڏئي سگهجي، تمام وڏا چيلينج آهن، سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، هڪ روڊ ميپ ٺاهڻو پوندو.
Prev Post
You might also like