حميرا اصغر جو موت ڪيئن ٿيو؟ حتمي ميڊيڪل رپورٽ ۾ نوان انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز 6 جي فليٽ مان مئل حالت ۾ هٿ آيل ماڊل ۽ اداڪارا حميرا اصغر جي فائنل ميڊيڪو ليگل رپورٽ تيار ٿي وئي، جنهن سندس موت تي شڪ شبها پيدا ڪري ڇڏيا آهن.
ميڊيڪو ليگل رپورٽ موجب حميرا اصغر جي ڪپڙن تي رت لڳل هو، حميرا اصغر جي ٽي شرٽ ۽ ٽرائوزر تي رت جا نشان مليا آهن.
ميڊيڪو ليگل رپورٽ موجب حميرا اصغر جي ڪپڙن تي ڊي اين اي به مليو آهي، حميرا جو لاش مڪمل نه هو، رڳو هڏيون هيون، مڪمل جسماني عضوا نه ملڻ سبب موت جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بلڊ ۽ ڊي اين اي جي حوالي سان ڪا ڊيٽا بينڪ موجود ناهي.
پوليس ذريعن موجب حميرا اصغر جي هڪ موبائل فون اڃا تائين هٿ ناهي آئي، ان سان جاچ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.