سوشل ميڊيا تي شو بازي متاثرن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي:دنيش ڪمار

اسلام آباد (بيورو) ٻوڏ متاثرن جي بحالي بدران سوشل ميڊيا تي مشهوري مهم تي سينيٽر دنيش ڪمار طرفان سخت رد عمل ڏنو ويو آهي، ملڪ ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي بدران سول بيورو ڪريسي ۽ آفيسرن جي سوشل ميڊيا تي اشتهاري مهم تي سينيٽر  دنيش ڪمار پاران سخت رد عمل ڏيکاريو ويو، سينيٽر دينيش ڪمار چيو ته آفيسرن طرفان ڦوٽو سيشن ۽ شو بازي افسوسناڪ عمل آهي ۽ حڪومت کي غير ذميوار آفيسرن جو احتساب ڪرڻ گهرجي، بلوچستان عوامي پارٽي سان تعلق رکندڙ سينيٽر دنيش ڪمار سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ بحث لاءِ تحريڪ جمع ڪرائي، جنهن ۾ حڪومت کان فوري نوٽيس وٺڻ ۽ غفلت ڪندڙ آفيسرن کان جواب طلب ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، هن چيو ته سوٽ بوٽ، ٽائي ۽ چشمو پائي ڦوٽو سيشن ڪرائڻ وارن آفيسرن جي ڪردار تي سخت تنقيد ٿي آهي، متاثر علائقن ۾ آفيسرن جي وڊيوز ۽ تصويرون ٺاهڻ ۾ مصروفيت متاثرن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهي، قومي سانحن دوران آفيسرن لاءِ واضح ضابطا ٺاهيا وڃن ۽ حڪومت کي ٻوڏ متاثرن جي بحالي کي ترجيح ڏيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.