ٻوڏ متاثرن جي بلن مان ٽئڪس معاف ڪيا ويندا: راڻا تنوير

 اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) خوراڪ جي تحفظ واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو آهي ته جلد ٻوڏ متاثرن جي بلن تي ٽيڪس معاف ڪيا ويندا. ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير رانا تنوير چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بجلي جي بلن مان ٽيڪس ختم ڪرڻ لاءِ ڪم جاري آهي، بجلي جي بلن ۾ رعايت وفاقي حڪومت ڏيندي، جڏهن ته زمين جي ڍل (لينڊ ريونيو) صوبائي حڪومت معاف ڪندي. رانا تنوير چيو ته ٻوڏ وارن علائقن ۾ اضافي بجلي جي بلن جو نوٽيس ورتو ويندو، اهي بل اڳ ئي ڇپجي چڪا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ٻوڏ متاثرن کي رليف ڏيڻ لاءِ جيڪو به ٿي سگهيو، ڪيو ويندو. ٻوڏ متاثر علائقن جو سروي مڪمل ٿيندي ئي آبادگارن لاءِ هڪ خاص پيڪيج جو اعلان ڪيو ويندو. وفاقي وزير ٻڌايو ته هلندڙ مهيني جي وچ تائين ٻوڏ متاثر علائقن جو سروي مڪمل ڪيو ويندو، جڏهن ته فصلن جي نقصان جو ابتدائي ڊيٽا تيار ڪيو ويو آهي، ٻوڏ سبب هر فصل کي 1 کان 3 سيڪڙو تائين نقصان پهتو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سڀ کان وڌيڪ نقصان گوجرانوالا ڊويزن ۾ ٿيو آهي، جتي فصلن کي 18 سيڪڙو تائين نقصان ٿيو. ٻوڏ دوران سڀ کان وڌيڪ نقصان ڌان جي فصل کي پهتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.