اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته سمورن صوبن اختيار هيٺين سطح تي منتقل نه ڪيا،اڄ سمورا اختيار مرڪزيت سان صوبن وٽ موجود آهن،هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ تحت آبادي جي بنياد تي وسيلا ورهايا ويندا آهن،وسيلا صوبن ڏانهن ته وڃن ٿا ته پر ڪنهن به صوبي ۾ فعال صوبائي فنانس ڪميشن ناهي،اتي به جيڪي ضلعا آهن انهن کي آبادي ۽ وسيلن جي بنيادن تي انهن جو حق ملڻ گهرجي،هن چيو ته 15 سالن ۾ اسان جي تعليم ۽ صحت جي شعبن جو زوال آيو آهي،بيمارين ۾ اسان نمبر بڻجي ويا آهيون، آبادي جي لحاظ کان صوبن ۾ ڪو ڪم نه ٿي سگهيو،اسان 2.44 جي حساب سان آبادي ۾ واڌڪري رهيا آهيون،اسان جا 40 سيڪڙو ٻار جسماني طور تي لاغر آهن ۽ دماغي طور تي ڪند آهن،اسان ايڪويهين صدي جو ڪيئن مقابلو ڪري سگهنداسين،هن چيو ته ضلعي حڪومتن کي بااختيار بڻائڻو پوندو،اها سياستدانن جي ناڪامي آهي،نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ آئين ۾ طريقيڪار موجود آهي،هن چيو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ جيڪي شعبا صوبن کي منتقل ٿيا انهن جي ڪارڪردگي بهتر نه ٿي،هن چيو ته سنگاپور،چين،ويتنام،ملائيشيا ان ڪري ترقي ڪئي آهي ڇو ته اتي 10-10 سالن تائين پاليسين جو تسلسل جاري رهيو ۽ اتي سياسي استحڪام به موجود هو،سياسي لانگ مارچن ۽ ڌرڻن جو زمانو ختم ٿي ويو آهي،هاڻي اقتصادي لانگ مارچ ڪرڻ جي جرئت آهي،هن چيو ته ڪي پي حڪومت پاران وفاق کان فنڊ نه ملڻ جي دعويٰ غلط آهي،هزارين ارب رپيا ڏنا آهن،هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا اسان سان ڳالهيون ڪن،گورننس تي گڏجي ڪم ڪريون،سهيل آفريدي سان ملاقات لاءِ تيار آهيان،نوجوانن کي هنرمند بڻايون،هڪ ٻئي خلاف ڏنڊا نه هڻڻ گهرجن،غربت خلاف وڙهون،پوليوکي ختم ڪريون،هن چيو ته خبر ناهي بلاول حڪومت لاءِ ڪهڙي ابتي ڳڻپ جي ڳالهه پيو ڪري،ڪالهه رياض ۾ ٽه ملڪي معاهدي تي جشن جو سمان هو،ڪالهه صدر،وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل هڪ تقريب ۾ گڏ موجود هئا،بلاول ان تقريب ۾ خبر ناهي ڇو نه آيو؟کيس موجود هجڻ گهرجي ها،ڳڻپ ته سڌي وڃي رهي آهي،بلاول اليڪشن جي ماحول جي تناظر ۾ اهي ڳالهيون ڪيون،