لاهور( امداد سومرو)حڪمران اتحاد جي وچ ۾ اختلاف برقرار آهن، پيپلز پارٽي اندر به ٻن قسم جا رايا آهن،بلاول ۽ صدر آصف علي زررداري وچ ۾ به اختلافن جو هُل هلي رهيو آهي،تازو پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ڌانڌلي واري صورتحال تي شهباز شريف جي حڪومت کي ڌمڪي ڏني هئي ته "پوءِ توهان جي ابتي گڻپ شروع ٿي ويندي.” ۽ بعد ۾ چيائين ته "توهان جي ابٽي ڳڻپ شروع ٿي چڪي آهي.”ٻئي طرف، صدر آصف علي زرداري ڪجهه نڪتن تي ناراض ٿي ڪراچي ويٺل هو،خاص طور تي ججن جي معاملن تي سندس اختلاف برقرار هئا. پر ان جي باوجود، هن ججن جي سمريءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سمري تي صحيح ڪرڻ واري حقيقت اها هئي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ پٽيشن هلي وئي هئي. صدرکي مشورو ڏنو ويو ته ” توهان صحيح ڪريو يا نه ڪريو، سمري ته منظور ٿيڻي ئي آهي يا توهان کان ڪرائي ويندي. ان ڪري بهتر اهو ئي آهي ته سمريءَ تي صحيحون ڪري ڇڏيو.” پوءِ اهو پروسيس پورو ٿيو ۽ سمري منظور ٿي وئي.پر ڇا پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) ۾ ان سمريءَ تي صحيحون ٿيڻ کان پوءِ سڀ ڪجهه ٺيڪ هلي رهيو آهي؟ اهو سوال پنهنجي جاءِ تي موجود آهي، ۽ ان جو جواب به ميڊيا اسڪرينن تي ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن جي گفتگوءَ جي صورت ۾ سامھون ايندو رهي ٿو.ڪراچيءَ ۾ ڪجهه ٿئي ٿو ته مسلم ليگ (ن) جا وفاقي وزير، خاص طور تي خواجه آصف يا ٻيا، ۽ پنجاب جون وزير/مشير عورتون پيپلز پارٽي تي چڙهائي ڪن ٿيون. ۽ اگر لاهور يا پنجاب جي ڪنهن علائقي ۾ ڪجهه ٿئي ٿو ته پيپلز پارٽي وارا پريس ڪانفرنسون شروع ڪري ڏين ٿا. جنگ ته هلي رهي آهي، ۽ ڪشمير جي چونڊن جي نتيجن جي ٽئين مرحلي کان پوءِ ته ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي، پر هاڻي ٿوري خاموشي آهي.ان خاموشيءَ جي پويان ڇا آهي؟ ۽ پيپلز پارٽي جي اندر ڪهڙو بحث هلي رهيو آهي؟ بلاول ڀٽو جي سوچ وارا ماڻهو چون ٿا ته:”هاڻي اسان کي وڌيڪ هن حڪومت ۾ نه رهڻ گھرجي. بجيٽ کان پهرين حڪومت اسان جي هر ڳالهه مڃي ٿي، پر بجيٽ پاس ٿيڻ کان پوءِ اکيون ٻوٽي ڇڏي ٿي پنجاب جا پيپلز پارٽي اڳواڻ چون ٿا ته اسان لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪريون ٿا ته صحافي پهريون سوال اهو ڪن ٿا ته جيڪڏهن حڪومت اها خرابي ڪري ٿي ته توهان اپوزيشن ۾ ڇو نٿا وڃو؟’ ان جو اسان وٽ ڪو جواب ناهي هوندو. پوءِ ماڻهو چون ٿا ته اسان هڪ ٽڪيٽ ۾ ٻه مزا وٺون پيا.”ٻئي طرف، صدر زرداري جي سوچ وارا ماڻهو دليل ڏين ٿا ته اسان جي اپوزيشن ۾ ويهڻ سان مسلم ليگ ن جي حڪومت ته ڪو فرق نه پوندو، پر سينيٽ ۾ قانون سازي نٿي سگهندي ۽ سسٽم ڊانواڊول ٿي ويندو. ان سان ڪو غير آئيني ايڊوينچر ٿي سگهي ٿو. اسان حڪومت کان نڪتاسين ته پورو نظام ڊهي سگهي ٿو. پوءِ نقصان پيپلز پارٽي کي پوندو، جيئن تاريخ ۾ ٿيندو رهيو آهي. ان ڪري سسٽم کي سپورٽ ڪري هلائڻ گهرجي. ان کان علاوه پيپلز پارٽي ۾ اهو به خيال آهي ته وزيراعظم شهباز شريف پيپلز پارٽي کي سان گڏ کڻي هلڻ چاهي ٿو، پر مريم نواز پيپلز پارٽي کي سان گڏ هلائڻ نٿي چاهي. صدرزرداري جو خيال آهي ته صبر ڪريو، هاڻي الڳ ٿيڻ جو وقت ناهي آيو. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته زرداري جي سوچ غالب اچي ٿي يا بلاول ڀٽو زرداريءَ جي سوچ؟