گلاسگو(ويب ڊيسڪ)انگلينڊ دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل ٿيڻ طرف وڌي رهيو آهي، جيڪي جگر کي متاثر ڪندڙ بيماري هيپاٽائٽس سي جي خاتمي واري هدف جي ويجهو پهچي چڪا آهن.
نيشنل هيلٿ سروس (اين ايڇ ايس) موجب، هيل تائين معلوم ٿيل مريضن مان 80 سيڪڙو جو ڪاميابيءَ سان علاج ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گذريل 10 سالن دوران هن بيماري سبب ٿيندڙ فوتگين ۾ 36 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
اين ايڇ ايس جو چوڻ آهي ته هنگامي شعبن ۾ رت جا ٽيسٽ، عام ڊاڪٽر وٽ رجسٽريشن وقت بيماري جي جاچ ۽ گهر ويٺي مفت ٽيسٽ ڪِٽس جي فراهمي ذريعي هزارين اهڙن ماڻهن جي سڃاڻپ ٿي، جيڪي اڳ پنهنجي بيماري کان بي خبر هئا. جنهن کان پوءِ انهن جو بروقت علاج ڪيو ويو.
انگن اکرن موجب، 2015ع کان هيل تائين هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهن ۾ هيپاٽائٽس سي جي سڃاڻپ ڪري سندن علاج ڪيو ويو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته جديد وائرس مخالف دوائون 8 کان 12 هفتن تائين استعمال ڪرڻ سان لڳ ڀڳ 95 سيڪڙو مريض مڪمل طور صحتياب ٿي وڃن ٿا، جنهن سبب انگلينڊ هيپاٽائٽس سي جي خاتمي واري عالمي هدف حاصل ڪرڻ جي وڌيڪ ويجهو پهچي ويو آهي.