واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري ڪيرولين ليئوٽ هلندڙ مهيني جي آخر ۾ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندي.
ٽرمپ ٽروٿ سوشل تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ته ليئوٽ پنهنجن ٻارن ۽ گهرڀاتين سان وقت گذارڻ لاءِ عهدو ڇڏي رهي آهي ۽ اهو اهڙو فيصلو آهي جنهن کي هو مڪمل طور سمجهي ٿو ۽ ان جو احترام ڪري ٿو.
ٽرمپ ڪيرولين ليئوٽ کي پنهنجي سڀ کان وڌيڪ اعتماد جوڳن ساٿين مان هڪ قرار ڏنو.
آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته ڪيرولين هاڻي سندس اهم پرڏيهي صلاحڪارن مان هڪ هوندي ۽ ريپبلڪن پارٽي اندر هڪ بااثر آواز طور پنهنجو ڪردار جاري رکندي.
واضح رهي ته 28 ورهين جي ڪيرولين ليئوٽ گذريل سال وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري جو عهدو سنڀاليو هو ۽ هوءَ هن عهدي تي مقرر ٿيندڙ سڀ کان ننڍي عمر واري شخصيت هئي.
ٻئي پاسي اهو واضح نه ٿي سگهيو آهي ته ڪيرولين ليئوٽ جي جاءِ تي نئون وائيٽ هائوس پريس سيڪريٽري ڪنهن کي مقرر ڪيو ويندو.