ڊارون (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي فاسٽ بالر مچل اسٽارڪ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ کاٻڙيل بالر جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي.
ڊارون ۾ بنگلاديش خلاف جاري سيريز جي پهرين ٽيسٽ ۾ مچل اسٽارڪ سريلنڪا جي اڳوڻي اسپنر رنگانا هيرٿ کي پوئتي ڇڏي نئون رڪارڊ قائم ڪيو.
رنگانا هيرٿ پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر ۾ 433 وڪيٽون ورتيون هيون، جڏهن ته مچل اسٽارڪ شادمان اسلام کي آئوٽ ڪري پنهنجي وڪيٽن جو انگ 434 تائين پهچائي ڇڏيو.
پاڪستاني ليجنڊ وسيم اڪرم 414 وڪيٽن سان ان فهرست ۾ ٽئين نمبر تي موجود آهي.