5 ڪلاڪن کان”لاش“ ترڻ جي خبر تي پوليس پهتي ته همراهه اُٿي پيو، غربت جو ڳوڙها وهائيندڙ واقعو!

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارت ۾ ڍنڍ جي پاڻيءَ ۾ لڳ ڀڳ 5 ڪلاڪ بنا ڪنهن چرپر جي پيل شخص کي ماڻهن مئل سمجهي پوليس گهرائي، پر اهلڪار جي هٿ لائيندي ئي همراهه اوچتو اٿي پيو.

ڀارتي ميڊيا موجب رياست تلنگانا جي شهر هَنَمڪونڊا ۾ مقامي ماڻهن هڪ شخص کي گهڻي دير کان پاڻيءَ ۾ بنا ڪنهن چرپر جي پيل ڏٺو، جنهن تي هنن کيس لاش سمجهي پوليس کي اطلاع ڏنو.

اطلاع ملڻ تي پوليس اهلڪار واقعي واري هنڌ پهتي ۽ مبينا لاش کي پاڻيءَ مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو شخص اوچتو جيئرو ٿي اٿي بيهي رهيو، جنهن تي اتي موجود ماڻهو حيران رهجي ويا.

پڇا ڳاڇا دوران شخص ٻڌايو ته هو ويجهو واقع گرينائيٽ جي کاڻ ۾ ڪم ڪندو آهي ۽ لڳاتار ڪم ڪرڻ سبب سخت ٿڪاوٽ جو شڪار هو.

هن ٻڌايو ته گرمي ۽ ٿڪاوٽ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ هو پاڻيءَ ۾ لٿو هو، جتي کيس ايتري گهري ننڊ اچي وئي جو ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين اتي ئي ستل رهيو.

واقعي جي دلچسپ وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.

You might also like