ڪراچي ۾ ڊينگي جا 7 ڏينهن ۾ 23 نوان ڪيس رپورٽ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڊينگي جي ڪيسن ۾ لڳاتار اضافو ٿي رهيو آهي، صحت کاتي جي رپورٽ موجب گذريل 7 ڏينهن دوران 3 نوان ڊينگي جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، هلندڙ سال صرف ڪراچي ۾ ئي420 ماڻهو ڊينگي ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن، جڏهن ⁠ته  سڄي سنڌ ۾ ڪل 489 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جن مان2 مريض فوت ٿي چڪا آهن، صحت کاتي جي ترجمان موجب جنوري ۾ 85 ڪيس، فيبروري ۾ 53، مارچ ۾ 27، اپريل ۾ 38،مئي، جون ۽ جولاءِ ۾ گڏيل طور 120 ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن⁠ته آگسٽ ۾ 74 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، صحت کاتي شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته هو مڇرن کان بچاءُ لاءِ احتياطي اپاءُ اختيار ڪرڻ گهرجن  ۽ حفاظتي قدمن کي هرگز نظرانداز نه ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.