محمد علي پٺاڻ جي تازي ڪتاب "شاھُ ۽ سِٽَ ڪھاڻيون”تي هڪ نظر

تحرير: گل محمد عمراڻي/ سنڌيڪار علي بخش پٺاڻ

هيءَ نئين ڪُوشش اُن گهڻ رُخي، گهڻ پاسائين فلسفياتي ۽ روحاني تخليقڪار محمد علي پٺاڻ جي تخليقيت جو هڪ وڌيڪ شاهڪار آهي، جنهن هن ڀيري به سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ غير معمولي تجربي واري اظهار کي پيش ڪيو آهي، جنهن جو ساڳي وقت انگريزي ۽ اردو ۾ ترجمو نامور عالمن احمد سلطان کوسي ۽ ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ ڪيو آهي. محمد علي پٺاڻ کي ھن ڪتاب جو بنيادي خيال  البته ٿورو گهڻو مون عاجز ڏنو هو.

روميءَ جي مختصر پر گَھري، روح رچيل ۽ معنوي تصوف جو عڪس، ڪائناتي شعور ۽ حِڪمت اسان جي قومي شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاندار لفظن ۾ جھلڪي ٿي، ۽ محمد علي پٺاڻ ان فڪري جوھر کي سنڌي ٻوليءَ جي نفاست، نزاڪت، حساسيت ۽ شاندار عظمت منجھ سموھي بي مثال تخليقي ادب سرجيو آهي.  شاھ لطيف جي تمثيلي، عام فهم، دائمي امن ۽ دلچسپيءَ سان ڀرپور گھري اثر واري بصيرت کي رڳن ۾ وھندڙ رت جيئن محسوس ڪري سگهجي ٿو.

ھي جديد شاعر اڄ به ان احسان جو معترف آهي، جيڪو کيس شاھ لطيف جي لازوال ياد مان مليو آهي. کيس چڱيءَ طرح ادراڪ آهي ۽ ھو”رسالي“جي جامع ۽ عميق مطالعي مان خاص طور تي بيحد متاثر ٿيو آهي، جيڪو سندس فڪر جو سر چشمو بڻيو آھي. ھن ان مان بي انتها حوصلا ورتا آهن، ۽ ان جي فھم ۽ فڪر مان متاثر ٿيو آهي.

ڄاڻايل ڪتاب به ان جمالياتي تخليق ۽ اعليٰ ادبي روايت جو تسلسل آهي. جنهن جا بنياد عظيم استادن رکيا آهن.  انھن ٻنھي معزز عالمن کي به داد ڏجي ٿو، جن جو توڙي جو اندازِ بيان ھڪ ٻئي کان مختلف آهي پر ھنن گڏجي ڀٽائيءَ جي عظيم ادبي ثقافت جي شاھڪار تي مشتمل ڪتاب جو شاندار تخليقي ترجمو ڪيو آهي.

ھن دور ۾ عام ماڻهوءَ لاءِ ذاتي وسيلن مان ڪتاب ڇپائڻ ڪو معمولي ڪم ناھي. ھي غير معمولي ڪم انتھائي سنگين حالتن ۾ پايه تڪميل ٿيو آهي، جتي مصنف پاڻ شديد بيماريءَ کي مُنھن ڏئي رھيو آھي. ۽ دوستن جي بي رُخيءَ جو شڪار آهي. ﷲ تعاليٰ سندس ڪوششن کي عظيم ڪاميابيون عطا فرمائي.

محمد علي پٺاڻ پنهنجي جياپي لاءِ جاکوڙي رھيو آھي. جيتوڻيڪ ھو بي شمار انساني ۽ غير معمولي مشڪلاتن جو شڪار آهي ۽ پراڻن توڙي نَون دوستن جي تنقيد جي دٻاءَ هيٺ آهي. پر هو پنهنجي جذباتي ۽ پرجوش وابستگيءَ سان سنڌي ادب، ٻولي ۽ ماڻهن لاءِ انهن ڏکين حالتن تي ضرور ضابطو آڻي وٺندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.