تهران (ويب ڊيسڪ) قطر جي تخت گاهه دوحا ۾ حماس اڳواڻن تي حملي تي ايران جو ردعمل اچي ويو.
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو ته اهو انتهائي خطرناڪ ۽ مجرماڻو قدم آهي، جيڪو عالمي قانون جي کليل ڀڃڪڙي ۽ قطر جي قومي خود مختياري ۽ جاگرافيائي سلامتي جي پامالي آهي.