لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي تي مال روڊ تي سپريم ڪورٽ جي جج جي اسڪواڊ جي گاڏي ساڙڻ جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻن ياسمين راشد، اعجاز چوڌري، ميان محمود الرشيد ۽ عمر سرفراز چيما کي 10 – 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت طرفان ان ئي ڪيس ۾ خديجا شاهه کي 5 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، جڏهن ته شاهه محمود قريشي، روبينا جميل ۽ افشان طارق کي بري ڪيو ويو.
You might also like