سلامتي ۽ خود مختياري کي نشانو بڻائيندڙ ڪو قدم قبول نه ڪنداسين: قطر جو اسرائيلي حملي تي سخت ردعمل

دوحا (ويب ڊيسڪ) قطر پنهنجي سرزمين تي اسرائيلي حملي ۾ حماس جي قيادت کي نشانو بڻائڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي.
قطري پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب دوحا ۾ رهائشي عمارتن ۽ حماس جي قيادت کي نشانو بڻائڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، اهو مجرماڻو حملو عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي ۽ قطري شهرين ۽ قطر ۾ رهندڙ ٻين ماڻهن جي سلامتي ۽ تحفظ لاءِ سنگين خطرو آهي.
ترجمان چيو ته قطر ان حملي جي سخت مذمت ڪندي واضح ڪري ٿو ته اسرائيل جو اهڙو غير ذميواراڻو رويو ۽ خطي جي امن ۾ جاري خلل برداشت نه ڪيو ويندو، نه ئي پنهنجي سلامتي ۽ خود مختياري کي نشانو بڻائيندڙ ڪنهن قدم کي قبول ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.