پشاور (م ڊ) عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) خيبرپختونخوا جي صدر ميان افتخار حسين چيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم هڪ سخت تڪراري منصوبو آهي ۽ اي اين پي ڪنهن به صورت ۾ هن منصوبي کي قبول نه ڪندي، پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ميان افتخار چيو ته اي اين پي اڄ به پنهنجي تاريخي موقف تي قائم آهي ۽ مئل منصوبي کي وري زنده ٿيڻ نه ڏينداسين، پنجاب جي عوام جي نقصان جو به اوترو ئي ڏک آهي، جيترو پنهنجن ماڻهن جي نقصان تي آهي، ميان افتخار وڌيڪ چيو ته ڪالاباغ ڊيم بابت ڪجهه ماڻهن جي دعوٰي بي بنياد آهي، حقيقت اها آهي ته تازين برساتن جو ڊيم سان ڪو به تعلق ناهي، پاڻي ڀارتي درياهن مان آيو آهي، هن الزام هنيو ته ڪالاباغ ڊيم بابت غلط تاثر ڏيڻ عوام کي گمراهه ڪرڻ ۽ ملڪ کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش آهي، ڪالاباغ ڊيم منصوبو خيبرپختونخوا، سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ تباهي آڻيندو، تنهن ڪري اي اين پي ان منصوبي کي هر صورت ۾ رد ڪري ٿي.