اسلام آباد (بيورو) قومي آفتن واري اداري اين ڊي ايم اي چيو آهي ته ملڪ ۾ برسات جو نئون سسٽم ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي، جنهن دوران ملڪ جي مٿي وارن علائقن ۾ وڌيڪ برساتون پونديون، اين ڊي ايم اي موجب، 6 سيپٽمبر کان ڏکڻ پنجاب ۽ ڏکڻ سنڌ سميت ملڪي ڏاکڻين وارن علائقن ۾ به تيز برساتن جو امڪان آهي، ناروال، سيالڪوٽ، گوجرانواله، گجرات ۽ لاهور ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران سخت برساتون پيون آهن، بدين، سجاول ۽ ٿرپارڪر سميت سامونڊي پٽي جي علائقن ۾ به شديد برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، اين ڊي ايم اي وڌيڪ ٻڌايو ته غيرمعمولي برساتن ۽ دريائن ۾ پاڻي وڌڻ سبب ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿيڻ جو خطرو آهي، 4 کان 5 سيپٽمبر دوران راوي، چناب ۽ ستلج درياهن جي پاڻيءَ جا وهڪرا پنجند وٽ گڏ ٿيندا، جنهن سبب اتي ٻوڏ اچي سگهي ٿي، ماڻهن کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ گهرجي.