سنڌ جي حڪمرانن وٽ سواءِ دوکن جي نوجوانن کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه ڪونهي: اياز لطيف

حيدرآباد(پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي  ته  ٻوڏ ۽ برسات جو جواز ڄاڻائي سڄي سنڌ جا بند ڪيل ڪئنال، ڦليلي، پنڃاري سميت واھن ۽  شاخن کي جلد کوليون وڃن. درياھ ۾ وڏي چاڙھ باوجود سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ پاڻي کوٽ آھي. فصل سڪي رھيا آھن، آبدگار ۽ ھاري پريشان آھن. پاڻي کوٽ جي متاثر آبادگارن کي معاوضو ڏنو وڃي،هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم بابت علي امين گنڊاپور جو بيان سنڌي، بلوچ ۽ پشتون عوام سان دشمني آھي. ڊيم ھرگز ٺھڻ نه  ڏينداسين.ڪالا باغ ڊيم ۽ ڪئنال منصوبا ممڪن ناھن. هن چيو ته  حڪمران طبقي ۽ ڪامورن لاءِ بيشمار مراعتون آھن. بجلي، گئس، صحت جي سھولتن سميت ھوائي سفر ۽ ٻيون سھولتون مفت آھن پر ملڪ جي ھاري، پورھيت، مزدور، محنت ڪش ماڻھو لاءِ 2 وقت جي ماني حاصل ڪرڻ به  مشڪل آھي. تعليم، صحت سميت بنيادي حقن جو سھولتون ناھن. هن چيو ته سنڌ جي حڪمرانن وٽ نوجوانن کي ڏيڻ لاءِ دوکا آھن.پبلڪ سروس ڪميشن ڪرپشن جو اڏو بڻجي وئي آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.